ڪُوڙِي بابت
معنيٰ
ڪُوڙُ ڪندڙ، ڪُوڙ ڳالهائيندڙ، جُوٺِي، ڪُساکي، ڪَذاب، کوٽي. فريبڻ، دغابازِ. جعلي، مصنوعي، بناوتي، ڪم جي ڪاھل، ٽوٽِي.
Untrue, lying, a liar, false, counterfeit, spurious, inconstant, insincere.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن لِڪِئو لَياڪا پائيين، پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اڱَڻَ اَڌ، اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ، اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ، نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- جِئان گِهڙي تِئانِ گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون، ڏَمَ سين جُسو ظاھِرا، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ، سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنھِن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جِئان وَھي تِئان واٽَ، ڪَپرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون، جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ، جَنِ کي عِشقَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- گَهرين جٖي گهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيُون ڪُوڙِيُون، وِڃائي وَرِي آيُون، مَحَبتَ جُون مُوڙِيُون، جٖي سَنجهي سَنڀوُڙِيُون، ساھَڙُ تَنِي سَڏَ ڪَري.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- لهوارا تان لَکَ، ھُونءَ تان ھُرِڀُ ھيڪِڙو، اُڀِيُون اوٻاھَنِ ۾، جُوٺِيون مارِينِ جَکَ، لُڻِيو اُتِ لَطِيفُ چَئِي، ڪُوڙِيُون ٻَڌَنِ ڪَکَ،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھاڙِھي ھَڏِ مَ ھَلُ، ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڳالِهہ مَ سَلُ، جانِبَ لاءِ مَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ نَہ ڏورِينِ ھِتَھِين، جَنِي پُنهونءَ سين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسارِئو.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- آرِي ڏي نَہ اِيئَن، اَکڙِيُون اَنڌِنِ کي، وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ، سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جِندا ھو مَ جوڳَ ريءَ، جِندا جوڳُ مَ پاءِ، ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڪا مَ سَلاءِ، پَھڄَڻُ پارِينداءِ، مَتان…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا، آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون، جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن…[ سُر پورب - وايون ]
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، ڪانڌُ ڪُوڙِيءَ جو وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ، ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي، توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ، ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي،…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾، وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي، مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، ڦِڪِي ڀانئِجِ ڦانگَ، ساري سَناسِيَنِ جِيئَن، لائِقُ رَکِجِ لانگَ، تَہ چاريئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهِي اُڪَرين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- ڪُوڙِي راندِ ڪُوڙو چَٽَڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پتو، لَنيو جِيئَن لامين چَڙِهي، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو، ڪِ تو ڪَنين نہ سُئو،…[ سُر ڪارايل - وايون ]