کاھوڙِيَنِ بابت
معنيٰ
جهنگل ۾ ڏٿ ڳوليندڙن. ڪوڏر ۽ کھي وارا ڏٿ ڏوريندڙ سخت جان پورهيتن، ڏٿ تي گذران ڪندڙن، ڏٿ ڏوريندڙن، محنت ڪندڙن، اورچ اصطلاح وڏن عابدن زاهدن.
Finders, who perform incantations over a snakebite, researchers, travellers, roamers, hard workers.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُنڌَ نَہ مَنجهان تَنِ، پَسِي لَڪُ لُڏَنِ جي، جا پَرِ کاھوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا، ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي، ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- کَڻَنِ نَہ کَرڪاڻَ، پَنڌِ پَراھين ھَلِئا، ڏوٿِيڙا ڪَنھِن ڏُٿَ کي، جُنبِئا ڏُونھُن جابانَ، کاھوڙِيَنِ اُھڃاڻَ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- کَرڪَڻا لاھي، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ويُون پَٻِ پَئِي، کيرُون کاھوڙِيَنِ جُون، آئُون تَنِ ڏوٿِيَڙَنِ جو، پُڇان ڪيرُ پَھِي، رِڃُنِ راتِ رَھِي، جَنِي ڏُونگَرَ ڏورِئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- پارِئا پُڇِي آءُ، خَبَرَ کاھوڙِيَنِ جِي، ڏوٿِينِ ڏُونگَرِئان، ڪَنھِن پَرِ ڏورِئو ڏُٿَ کي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- تان وَنءُ ويھِي آءُ، اَڱَڻِ کاھوڙِيَنِ جي، جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائَي لوڪان، ڏوٿِيَنِ ڪَنھِن ڏُکان، سُمَهِي سُکُ نَہ ماڻِئو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏُٿُ گَهڻا ئِي ڪَنِ، ھِنَ اوراھين پَنڌَ جو، سَندا کاھوڙِيَنِ، پَري سُڄَنِ پيچِرا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ، ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏُونگَرين ڏِسجَن، اَڳي رَيُون اُنِ جُون، ڏوٿيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙِ اَچَنِ، خِيما کاھوڙِيَنِ، اَڄُ نَہ اُنِهين ڀيڻِيين.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڏُونگَرَ ۾ ڏِياٽُ، صُبُوحِ ٻَرِئو سُڃَ ۾، کاھوڙِيَنِ کاٽُ، ھَنيو گهَرَ ۾ حَقَ جي.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڏيھُ ڏِھائِين ناھِ، جِتي پيرُ نَہ پَکَڻين، تِتي کاھوڙِيَنِ، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ، اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ، ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گهُمَنِ، فِراقِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- اَچي پِئا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ، ڪُرَندا ڪِي پَرُوڙِئو، رَندِ نَہ سي رِڙَھنِ، ٻيئِي دارَ دَيُون ڪِئو، پيرَتِ تان…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو مائي جوڳِيَنِ مُون سين جي ڪِئا، ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي، گُرَ وَٽِ تُون گَدائِي، اِشارَتُون اُنِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]