کاھوڙِيَنِ جي سنڌي معنيٰ
جهنگل ۾ ڏٿ ڳوليندڙن. ڪوڏر ۽ کھي وارا ڏٿ ڏوريندڙ سخت جان پورهيتن، ڏٿ تي گذران ڪندڙن، ڏٿ ڏوريندڙن، محنت ڪندڙن، اورچ اصطلاح وڏن عابدن زاهدن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Finders, who perform incantations over a snakebite, researchers, travellers, roamers, hard workers.
کاھوڙِيَنِ جا بيتن ۾ حوالا
کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي،
ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 25 ]
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي،
ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 25 ]
کَڻَنِ نَہ کَرڪاڻَ، پَنڌِ پَراھين ھَلِئا،
ڏوٿِيڙا ڪَنھِن ڏُٿَ کي، جُنبِئا ڏُونھُن جابانَ،
کاھوڙِيَنِ اُھڃاڻَ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 26 ]
ڏوٿِيڙا ڪَنھِن ڏُٿَ کي، جُنبِئا ڏُونھُن جابانَ،
کاھوڙِيَنِ اُھڃاڻَ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 26 ]
کَرڪَڻا لاھي، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين،
اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 27 ]
اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 27 ]
پارِئا پُڇِي آءُ، خَبَرَ کاھوڙِيَنِ جِي،
ڏوٿِينِ ڏُونگَرِئان، ڪَنھِن پَرِ ڏورِئو ڏُٿَ کي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 4 ]
ڏوٿِينِ ڏُونگَرِئان، ڪَنھِن پَرِ ڏورِئو ڏُٿَ کي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 4 ]
ڏُٿُ گَهڻا ئِي ڪَنِ، ھِنَ اوراھين پَنڌَ جو،
سَندا کاھوڙِيَنِ، پَري سُڄَنِ پيچِرا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 7 ]
سَندا کاھوڙِيَنِ، پَري سُڄَنِ پيچِرا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 7 ]
ڏُونگَرين ڏِسجَن، اَڳي رَيُون اُنِ جُون،
ڏوٿيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙِ اَچَنِ،
خِيما کاھوڙِيَنِ، اَڄُ نَہ اُنِهين ڀيڻِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 13 ]
ڏوٿيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙِ اَچَنِ،
خِيما کاھوڙِيَنِ، اَڄُ نَہ اُنِهين ڀيڻِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 13 ]
ڏُونگَرَ ۾ ڏِياٽُ، صُبُوحِ ٻَرِئو سُڃَ ۾،
کاھوڙِيَنِ کاٽُ، ھَنيو گهَرَ ۾ حَقَ جي.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 15 ]
کاھوڙِيَنِ کاٽُ، ھَنيو گهَرَ ۾ حَقَ جي.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 15 ]
ڏيھُ ڏِھائِين ناھِ، جِتي پيرُ نَہ پَکَڻين،
تِتي کاھوڙِيَنِ، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 17 ]

ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،
اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ،
ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گهُمَنِ،
فِراقِي فَرمانَ جو، آھي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
لَنگهان ٿِئو لاھُوتَ کي، سُتا پِئا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاھوڙِيَنِ، آھَ اُٿي پي نَہ لَھي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 1 ]