ڏيٺِ بابت
معنيٰ
ڏسڻ وائسڻ، ڏيکاءُ، نظر، نگاھ. ديدار، ملاقات، مکاميلو، مُھاکِڙو، گڏجاڻي. واقفيت، سُڃاڻ، سُڃاڻپَ، ڄاڻ سڃاڻ، پڇاڻ، واقفي، پرچو، سھيپو، لڳ لاڳاپو. سار سنڀالَ. مجلس، ڪچھري، رهاڻ، مارڪو. سَھِي. دوستي.
Seeing, meeting, known, introduced, know how.
بيتن ۽ وائين ۾
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري سَھائي ھيٺِ، ٿِئا ڏيٺارِئا ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- مُون اُڀي تَڙَ ھيٺِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ چوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَري، مَکِئو پَنھِنجِي مَڪُڙِي، چيٺي چَڱيءَ چيٺِ، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جان ڪي جَهِليان…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- وَڇُنِ سين ويٺِي، سُورَ وِياڇي سُهڻِي، آن ڪاٿَي ڏيٺِي، مِينھِيَنِ جٖي ميھارَ سين.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڪاري ڪَڪَرَ ھيٺِ، مُون جهيڙيندا ڇَڏِئا، ڪارا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙِ وَلَ وَڇيرا ھيٺِ، ٿِيَمِ تَنِي سين ڏيٺِ موٽَڻُ جَنِي…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، وَٺِي آئُون ويٺِي، ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪِجِ اَچِي ڪَڏِھِين.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ڪَھان تان ڪيچان پَري، سُمَهان تان سِرَ ھيٺِ، ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون جيھِي پَرِ ٿِي.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- جِھَڙا ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِھَڙِي ڏُونگَرَ ڏيٺِ، آئُون تَنھِن ھيٺِ، پيرُ نِھارِئان پِرِينءَ جو.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي، تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- کاڻِي کيرِنِ ھيٺِ، ويٺِي روءِ رَتَ ڦُڙا، ڪا مُون ٿِيندِي ڏيٺِ، ٻِيھَرَ ٻاروچَنِ سين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- يادِ ڪَري جَنِ کي، آئُون وِساري ويٺِي، مُون سين ڪِئائُون ڏيٺِي، اَکِيين ڏيئِي ھَٿَڙا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- مَڱَ نَہ تُسي مَڱِڻو، نَڪِي مِلڪَ نَہ مالِ، ڏَنَنِئُون ڏُورِ ٿِيي، ڪا جَا ڳَنِس ڳالِهہ، آھي اِنَ خِيالِ، تَہ ڏيٺِي…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ھيٺِ، سونارِيُون سَرِ ڪِئو، ڀيڙِئو ٻَڌي بيٺِ، ڏَمَرُ ڪندو ڏيٺِ، صُبحَ ويلَ سَڀَ ڪَنھِين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ڪُڇَنِ آھِيان ڪوٽَ ۾، ڇَنِ نَہ ڇَڄي ھيٺِ، لوئِيءَ سين لَطِيفُ چئَي، ڀيرِئو ٻَڌان بيٺِ، ھُتِ سَپَجي اُنَ سَسَنِ جِي،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ سَنَها ئِي پيٽَ، تَنِي سَندِيءَ ڏيٺِ، ھاٿِي ھَنڌان نَہ چُري.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]