چانگي بابت
معنيٰ
اُٺ، ڪنواٽ، نويل اٺ.
The camel, young camel.

بيتن ۽ وائين ۾
- وِئا سي وَڳَ وَھِي، ڪَرَھي قُربُ جَنِ سين، اُنِهان پوءِ رَھِي، چانگي چِنُو ڪِينَ ڪِي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھي کي ڪَئِين، جان وِڌَمِ پَيندَ پَلَڻَ جا، ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻُ نَئِي، چانگي سَندي چِتَ ۾، ڪا…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھو ڪَنگُوءَ ريٽَ تي، نيٽَ ڇِنائي نِتُ، چانگي رکِئو چِتُ، پَرَمَلَ جي پَساھَ ڏي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿان اَڪَ نَہ اُلَهي، جَنھِن وَلَ گَهڻا وِھاٽِئا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ، چَوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پوڄ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي، خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي، ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي، چانگي…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پانھِنجي ڪَرَھي، وَليُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيون مَٿي پَٽَ، چانگي چَکِي چَٽَ، پوءِ نَہ رَھَندو پَئنِدَ ري.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، پُنهون سِرُ سَڀَنِ، چانگي تي چَڙِھِي ڪَري، ڪَندو وَڙُ وِلِهِيُنِ، مَٿي مَعذُورِنِ، ھوتُ ڌَرِيندو ھَٿَڙا.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِئَمِ تائِين ٻانگَ، ڍولِئو ڍَٽِ رَھائِيو، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ، چانگي چَڙِھي آءُ تُون، لالَ وَرائي لانگَ،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئَڙو تيلُ ٻَرِي، موٽُ مُسافِرَ سُپِرِين، چانگي تي چَڙِھي، راڻي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، لُڌا وِئا لَڙِي، موٽُ مُئِيءَ جا وَلَها، چانگي تي چَڙِھِي، راڻِي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري، وَلِيُون واسَ وَرَنِيون چانگي کي چاري، جَڏھِن تَڏِھِين سُپِرِين، اِيندومِ اوتاري، سوڍي سين ساري، ڳالِهيُون…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو، ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا، وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان، ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- اَچِئو آتَڻَ وارِيُون، مُون کي طَعنا ڏِينِ تي، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي، پَٿَرِ وارَ…[ سُر راڻو - وايون ]