ڄَمارَ بابت
معنيٰ
جيون، جندُ، عمر، وَھِي، حياتي، زندگي، آرجا، آوَسٿا.
Age, length of life, lifetime.
بيتن ۽ وائين ۾
- حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ ڪِئو، سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ٿَرَ جَبَلَ رِڻَ روھَ، مَيي سَڀَ مَناڙِئا، اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ، ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چوڏِينھَن چَنڊن اُڀِرِي، سَھِسين ڪَرِين سِينگارَ، پَلَڪَ پِريان جي نَہ پَڙين، حِيلَنِ ڪَرِين ھَزارَ، جِھَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِھَڙِو دَمُ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- پِيو مَنجِهہ ڦُلِهِيارَ، ماڻِڪُ ميرو نَہ ٿِئي، لالِي تَنھِن نَہ لَھي سارِي سَڀَ ڄَمارَ، وِلِها جٖي وِينجهارَ، ڪَچُ ڪَمائِين ڪِينَ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- واھُڙَ وَھِين مَ شالَ، ڦِٽِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين، پَسان تُنھِنجي پيٽَ ۾، لاڻا لُوتَ لِيارَ، جِيئَن تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪِٿي ٿِئو ميھارُ، ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي، ڪِٿي دونھِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ، جَنھِن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- چَونِمِ جَي ھيڪارَ، مَ وانءُ موٽِي سُهڻِي، دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، گهارِيان سَڀَ ڄَمارَ، ٻانڌِيَڙا ٻِيھارَ، ھُوندَ نَہ لِڱِين لائِيان.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي، سَندا پُنهونءَ پارَ، ساڄَنُ سَڀَ ڄَمارَ، ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- موٽِي مَڱڻَھارَ، شالَ مَ اَچين ڪَڏِھِين، اَٺَئِي پَھَرَ عَلِيلَ کي، ڪُنڍو مَنجِهہ ڪَپارَ، جَنھِن تو سَڀَ ڄَمارَ، ھَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- اَچَنِ جي ھيڪارَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين، سِرُ ڪَرِيان سِرون، ھَنڌُ وِڇايان وارَ، ساڻُنِ سَڀَ ڄَمارَ، گولِي ٿِي گُذارِيان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ، ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ، جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- مَڙَه پُورِيائُون ماٺِ ٿِي، تَڪِيَنِ ناھِ تَنوارَ، آسَڻَ مَٿان اُنِ جي، نِتُ ٽِمايَمِ نارَ، سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ڏيئِي ڏُکَ ڏُورِ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- آھِيُون اَجهي جَنھِن جي، تَنھِن وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ، ٻاجَهہ جَنھِن جِي ٻارَ، اَٺَئِي پَھَرَ اگُوندَرا.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا، طامِعِ آھِيان توھَ جي. اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ، ھِنَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- ڇڏِئو پِرِينءَ پَچارَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، تو ڀانيو سَڀَ ڄَمارَ، سَڄَڻُ ھُوندو مان ڳَري.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- پَکَنِ پوءِ پَچارَ، اَڄُ تَماچِي آيو، نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ، مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ، وَڏِي ڄامَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]