وِندُرَ بابت
معنيٰ
لس ٻيلي ۾ هڪ علائقي ۽ نئين جو نالو.
Name of an area in Lass Bela.
بيتن ۽ وائين ۾
- پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ، ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ، جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ، مَنْ عَرَفَ نَفْسَهُ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّهُ ، اِھوئِي آچارُ، وِندُرَ مَنجِهہ واپارُ، سو…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ، مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ، جٖي تو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جُون، اَنڌِيءَ سين آھِينِ، ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونھائِينِ، ڏِسِئو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو، پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي، مُنھُن ڪَرِ…[ سُر معذوري - وايون ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏاڪا ڏُونگَرَ کي، ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي، ھاڙھو ھِيڻِيءَ کي، لَنگهائيجِ لَطِيفُ چئَي،[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرَ وَراڪا وَرَ، حُبَ جَنھِن کي ھوتَ جِي، سا ڏورِيندِي ڏُونگَرَ، پَھچائِيين پَرَوَرَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي، وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ، ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ، ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو، لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي، وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- وِندُرَ جَنِ وَڻَنِ سين، ڪِيَمِ سَھِسين سُکائُون، پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، اَچان جَي آئُون، وَرَندي وَچائُون، ڏِيان شاخ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- لَٿو ڪَمُ ڪيچِيَنِ جو، ڇَڏي ھَلِئا مُون، وِندُرَ جي واٽُنِ تي، ويٺي کوٽِيَمِ ڀُون، اللهَ آھِين تُون، ھوتَنِ تان ھيڏِي…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھوتَ ھَلَندي جي ڪِيُون، مُون سين ڳالِهڙِيُون، ھاڙِھي وِندُرَ وِچَ ۾، سَمَرُ سي ٿِيَڙِيُون، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي پِرِينءَ پُڄاڻا…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڏِنو جَو ڏِياچَ، سو سورَٺِ سُرَھو نَہ ڪِئو، ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ، جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]