وِرِھَ بابت
معنيٰ
جدائي، فراق، وڇوڙا، هجر، فرقت. دوستن يا عاشق معشوق جي وچ ۾ جدائيءَ جا غم، برھ، نينھن، عشق، محبت. سڪ، يادگيريون.
Separations of friends or lovers or the pain caused by such.
بيتن ۽ وائين ۾
- ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، آئُون ويٺِي وِرِھَ چَران، اِنَ عَذابان اَڳھَيِن، مادَرِ ڇو نَہ مَران، اَدِيُون جو نَہ اَوِھان، سو…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي، تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- لَڳِي مُون کي لُوھَ، وِرِھَ لاٽُون لايُون، رازُ جَنھِن سين رُوحَ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- سُورَ مَ مَٽِجِ ساءُ، آئُون نِوَڪِڻِي آھِيان، وَڃُ مَ ويلَ ڪَنھِن، وِرِھَ مُون وَٽان، تُون پُڻ تَڏِھِين جا، جَڏھِن ٿِيان…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ رَنيائِين راڻي کي، ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي، سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ جانۡ سو نَہ پَسَنِ، تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڪانگَ نيئِي ڪانگِ، مُنھِنجِي ڏي مَحبُوبَ کي، لالَڻَ لايَئِي ڏِينھَڙا، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگِ، اَوَھان ريءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِھَ وَسايان.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وِيرَ، اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ، پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وَسَ، اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، گامَ نِھارِينِ گَسَ، ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِيئَن جُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَنِئُون نَہ لَھي راتِ مُنھِنجي رُوحَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ، آءُ ساڄَنَ لَھُ سارَ، وِرِھَ ويڙِھِي…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- وَڻَ جِيئَن وِرِھَ وَڌَنِ، شاخُون ڪِئو سَرِيرَ ۾، سَڄَڻَ مُون نَہ مِلَنِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- عُمَرَ اَباڻَنِ کي، ٽِيجِهيءَ ٽِمَنِ نيڻَ، مارُئِي مارُوئَڙَنِ جي، وِرِھَ مارِي ويڻَ، سانبِي سارِئو سيڻَ، نِنڌَڪُ ساھُ نَہ نِڪِري.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]