وِرِھَ جي سنڌي معنيٰ
جدائي، فراق، وڇوڙا، هجر، فرقت. دوستن يا عاشق معشوق جي وچ ۾ جدائيءَ جا غم، برھ، نينھن، عشق، محبت. سڪ، يادگيريون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Separations of friends or lovers or the pain caused by such.
وِرِھَ جا بيتن ۾ حوالا
کارو جي کيڙِينِ، سيئِي مُنھِنجا سُپِرِين،
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جَهلِيان جَهلَ نَہ ڏيِنِ،
وِرِھَ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 23 ]
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جَهلِيان جَهلَ نَہ ڏيِنِ،
وِرِھَ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 23 ]
سامُونڊِيءَ جي سُورَ، ڪِيَمِ جِيءُ جيڏارِئُون،
پُونِ ڏِھاڙِي پُورَ وِرِھَ جا وُجُودَ ۾.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 2 ]
پُونِ ڏِھاڙِي پُورَ وِرِھَ جا وُجُودَ ۾.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 2 ]
ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، آئُون ويٺِي وِرِھَ چَران،
اِنَ عَذابان اَڳھَيِن، مادَرِ ڇو نَہ مَران،
اَدِيُون جو نَہ اَوِھان، سو مان سُورُ سَرَتِيُون.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 1 ]
اِنَ عَذابان اَڳھَيِن، مادَرِ ڇو نَہ مَران،
اَدِيُون جو نَہ اَوِھان، سو مان سُورُ سَرَتِيُون.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 1 ]
ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،
تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،
جا مَرضَنِ مَروٽِي، سا سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 2 ]
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،
تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،
جا مَرضَنِ مَروٽِي، سا سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 2 ]
لَڳِي مُون کي لُوھَ، وِرِھَ لاٽُون لايُون،
رازُ جَنھِن سين رُوحَ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 5 ]
رازُ جَنھِن سين رُوحَ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 5 ]
سُورَ مَ مَٽِجِ ساءُ، آئُون نِوَڪِڻِي آھِيان،
وَڃُ مَ ويلَ ڪَنھِن، وِرِھَ مُون وَٽان،
تُون پُڻ تَڏِھِين جا، جَڏھِن ٿِيان ھيڪاندِي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 7 ]
وَڃُ مَ ويلَ ڪَنھِن، وِرِھَ مُون وَٽان،
تُون پُڻ تَڏِھِين جا، جَڏھِن ٿِيان ھيڪاندِي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 7 ]
چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ رَنيائِين راڻي کي،
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ جانۡ سو نَہ پَسَنِ،
تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 15 ]
تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 15 ]
ڪانگَ نيئِي ڪانگِ، مُنھِنجِي ڏي مَحبُوبَ کي،
لالَڻَ لايَئِي ڏِينھَڙا، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگِ،
اَوِھان ريءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِھَ وَسايان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 27 ]
لالَڻَ لايَئِي ڏِينھَڙا، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگِ،
اَوِھان ريءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِھَ وَسايان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 27 ]
ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وِيرَ،
اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ،
پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 34 ]
اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ،
پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 34 ]
English Meaning
Separations of friends or lovers or the pain caused by such.