وِرِھَ جي سنڌي معنيٰ
جدائي، فراق، وڇوڙا، هجر، فرقت. دوستن يا عاشق معشوق جي وچ ۾ جدائيءَ جا غم، برھ، نينھن، عشق، محبت. سڪ، يادگيريون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Separations of friends or lovers or the pain caused by such.
وِرِھَ جا بيتن ۾ حوالا
ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، آئُون ويٺِي وِرِھَ چَران،
اِنَ عَذابان اَڳھَيِن، مادَرِ ڇو نَہ مَران،
اَدِيُون جو نَہ اَوِھان، سو مان سُورُ سَرَتِيُون.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 1 ]
اِنَ عَذابان اَڳھَيِن، مادَرِ ڇو نَہ مَران،
اَدِيُون جو نَہ اَوِھان، سو مان سُورُ سَرَتِيُون.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 1 ]
ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،
تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،
جا مَرضَنِ مَروٽِي، سا سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 2 ]
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،
تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،
جا مَرضَنِ مَروٽِي، سا سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 2 ]
لَڳِي مُون کي لُوھَ، وِرِھَ لاٽُون لايُون،
رازُ جَنھِن سين رُوحَ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 5 ]
رازُ جَنھِن سين رُوحَ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 5 ]
سُورَ مَ مَٽِجِ ساءُ، آئُون نِوَڪِڻِي آھِيان،
وَڃُ مَ ويلَ ڪَنھِن، وِرِھَ مُون وَٽان،
تُون پُڻ تَڏِھِين جا، جَڏھِن ٿِيان ھيڪاندِي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 7 ]
وَڃُ مَ ويلَ ڪَنھِن، وِرِھَ مُون وَٽان،
تُون پُڻ تَڏِھِين جا، جَڏھِن ٿِيان ھيڪاندِي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 7 ]
چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ رَنيائِين راڻي کي،
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ جانۡ سو نَہ پَسَنِ،
تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 15 ]
تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 15 ]
ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وِيرَ،
اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ،
پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 34 ]
اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ،
پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 34 ]
ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وَسَ،
اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، گامَ نِھارِينِ گَسَ،
ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِيئَن جُون آڻي خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 35 ]
اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، گامَ نِھارِينِ گَسَ،
ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِيئَن جُون آڻي خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 35 ]
ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَنِئُون نَہ لَھي
راتِ مُنھِنجي رُوحَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ،
آءُ ساڄَنَ لَھُ سارَ، وِرِھَ ويڙِھِي آھِيان.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 17 ]
راتِ مُنھِنجي رُوحَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ،
آءُ ساڄَنَ لَھُ سارَ، وِرِھَ ويڙِھِي آھِيان.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 17 ]
وَڻَ جِيئَن وِرِھَ وَڌَنِ، شاخُون ڪِئو سَرِيرَ ۾،
سَڄَڻَ مُون نَہ مِلَنِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 15 ]
سَڄَڻَ مُون نَہ مِلَنِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 15 ]
English Meaning
Separations of friends or lovers or the pain caused by such.