وِرھُ جي سنڌي معنيٰ
جدائي، فراق، وڇوڙو، هجر، فرقت. دوستن يا عاشق معشوق جي وچ ۾ جدائيءَ جو غم، برھ، نينھن، عشق، محبت. سڪ، يادگيري. حصو، ڀاڱو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Separation of friends or lovers or the pain caused by such.
وِرھُ جا بيتن ۾ حوالا
مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
اَڄُ نِماڻا نيڻَ، ٻاجهارا ٻَروچَ ري،
وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، نَہ مُون سَڄَڻَ نَہ سيڻَ،
وَرِتا ٿيئَڙَمِ ويڻَ، پُنهونءَ جا پَرديسَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 5 ]
وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، نَہ مُون سَڄَڻَ نَہ سيڻَ،
وَرِتا ٿيئَڙَمِ ويڻَ، پُنهونءَ جا پَرديسَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 5 ]
نِينھَن مَ نالو ڳِنُ، پِريَتَڻي پيرَ ٻِئا،
سُورَنِ سان مَ ڇِنُ، وِرھُ وِھائِجِ وِتَرو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 7 ]
سُورَنِ سان مَ ڇِنُ، وِرھُ وِھائِجِ وِتَرو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 7 ]
وِرھُ جَنِ وَٿاڻُ، سُورُ سَلامِي تَنِ جو،
جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ،
جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ ڪِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 8 ]
جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ،
جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ ڪِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 8 ]
سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ ھِڪِڙو،
پَھتِ مُون پيئِي، سَرَتِيُون اِنَهيءَ سُورَ سين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 11 ]
پَھتِ مُون پيئِي، سَرَتِيُون اِنَهيءَ سُورَ سين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 11 ]
سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ ھِڪِڙو،
مُون کي جَنھِن نيئِي، دَرُ سُونھايو دوسَ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 12 ]
مُون کي جَنھِن نيئِي، دَرُ سُونھايو دوسَ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 12 ]
جُوءِ جيڏھِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاھِين نيڻَ،
آيَلِ آديسِيَنِ جا، وِرھُ ٿِئَمِ ويڻَ،
ڪَري سَناسِي سيڻَ، ھِينئَڙي حالُ پِرايو.
[ سُر پورب، جوڳي، 13 ]
آيَلِ آديسِيَنِ جا، وِرھُ ٿِئَمِ ويڻَ،
ڪَري سَناسِي سيڻَ، ھِينئَڙي حالُ پِرايو.
[ سُر پورب، جوڳي، 13 ]
گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو،
ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ،
مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 3 ]
ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ،
مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 3 ]
عُمَرَ ٿِئَمِ اَپارَ، وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين،
سي ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ٿِئا، تَڳان جَنِ تَنوارَ،
سَٽائُون سَنگهارَ، کُوھَنِ تان کَڻِي وِئا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 12 ]
سي ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ٿِئا، تَڳان جَنِ تَنوارَ،
سَٽائُون سَنگهارَ، کُوھَنِ تان کَڻِي وِئا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 12 ]
بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَھُون،
سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ ويرَ وَهُون،
پايو جَرُ جَندَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَھُون،
ڏِينھان ڏِينھَن نَئُون، مُون کي وِرھُ ويڙِهيچَنِ جو.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 13 ]