سُچيتُ جي سنڌي معنيٰ
خبردارُ، ھوشيار، دانشمند، آگاھ، ھوشائتو. ڏاھو. ڌيان ڏيندڙ. مُتوَجھ، ھڪ چتو، يڪمنُو. سجاڳ. تيزفھم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sensible, attentive. Careful, cautious, circumspect, alert.
سُچيتُ جا بيتن ۾ حوالا
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ ڪَريجِ چيتُ،
سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 4 ]
سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 4 ]
دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي چيتُ،
ڳَورِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 2 ]
ڳَورِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 2 ]
English Meaning
Sensible, attentive. Careful, cautious, circumspect, alert.