مُونھِين بابت
معنيٰ
خُودي، آءٌ پڻو، پاڻ پڻو، ”خود جي ڪيفيت“ آپ ھستي.
Ego, Super ego. Amness, state of Self.
بيتن ۽ وائين ۾
- دُدَسَتِي دُپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ جِي، ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ، تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ ھيٺِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ چوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ اَلَ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- آئُون جَا ويندَڙياس پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي ڪا مَ جَهلي، آئُون جَا ويندَڙَيَس پارِ پِرِيَنِ جي، نِينھُن اُڇَلي، پَسِئو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- چَونِمِ مَرُ چَرِي ٿِي، پَرَ جي سَڏُ سُڻِينِ، مَرُ مُونھِين کي ڏِينِ، ماڻُهو اَچِئو ميھَڻا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين، پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين، سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين، ھارِي ڪِيئَن…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- نَڪِي رُئَڻَ وارِيُون، نَڪِي اوسارِينِ، مُونھِين کي مارِينِ، مُونھِين سَندا ڏُکَڙاَ.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- جوڳِيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پُڻ سُونھين جوڳِيين، جوڳِيان سَندِيءَ جانِ ۾، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرُ آھِ، ھاءِ مُونھِين کي واءِ، جَا آئُون…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ”مُون“ مُونھِين کي جُڳاءِ، ”مُون“ مُونھِين ۾ سَپَجي، مُونھِين مَنجهان ”مُون“ ٿِي، مُونھِين جِي ساڃاءِ، ھاڻِ چَوَڻَ ڪانِهي جاءِ، ڪيڏانھَن…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، مُونھِين پِئو بَندُ، ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻُون، مُونھِين ڪَڙو ڪَنڌِ، مَران جَي ھِنَ ھَنڌِ، تَہ نِجاھُ مَڙُه…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]