مَينڌَرا بابت
معنيٰ
مينڌرا ذات جو هڪ ماڻهو. (ڪناية) مومل جي عاشق راڻي جو (سندس ذات وارو) نالو. (ڇاڪاڻ تہ راڻو ذات جو مينڌرو هو).
Mendhara (A surname of Sindhi tribe)
بيتن ۽ وائين ۾
- شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون، موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ، تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ، دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ، جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ قُربانُ، گهورِئان لُڊاڻو، فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو، مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو، ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ، سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪَرَ موڙِيندي ڪاڪِ تَرِ، مُومَلَ ڏِٺِي مُون، اُٿِلِيُسِ آھُون ڪَري، ڀِرِي مَٿي ڀُون، سا جي ڏِسين تُون، تَہ موٽين ڪِينَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو ساري، مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري، اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ نَہ ڪَنِ، راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِڏُوڻِيُون وَتَنِ، سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جٖي تو سوڍا…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، ڇَڏِ راڻا ريڏائِي، لَپيٽِجِ لَطِيفُ چئَي، ڪامِلَ ڪَچائِي، مُنھِنجِي ميٽِ مَينڌَرا، عاقِلَ اَگَلائِي، ڪَرِ مَعافِي مَدائِي،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَتِ، صَبُرُ ٿِئو سُپَتِ، مُنھِنجي حَقِ مَينڌَرا.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مُون کي نَصِيحَتَ، ريلا ڪَندِيَسِ رَتَ، مَينڌَرا تو مَھِندان.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَنِ عَقُلُ، آھي اُنگَ اَمُلُ، ماٺِ تُنھِنجِي مَينڌَرا.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، اَڱَڻِ جي اَچَنِ، مُنھَن ۾ مَدِيُون تَنِ کي، ڏِسَڻَ سان نَہ ڏِجَنِ، اَوڳُڻَ عَيبَ مُٺايُون، ڍَڪَڻُ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- راڻا نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِيئَن وِڏوھِيين وَلَها، پيئِي کيھَ کَٽُنِ تي، ٿِئا پَلَنگَ پُراڻا، جايُون گُلَ زَباتَ وَڻَ، تو ريءَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻي رَنجُ لَکايو، ھِتان وَڃِي ھُتِ، ميڙِ مُنجان ٿِي مَينڌَرا، ڀُوڻِ اَواھِنجي ڀُتِ، اِيءَ نَہ رُسَڻَ رُتِ، اَڃا مَحَبتَ مورَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڪوجو ڪَٽَرُ ڪاڪِ مان، راڻي کي رَھِئو، ماڳِ نَہ اَچي مَينڌَرو، ايڏو سُورُ سَھِيو، موٽِي تَنھِن مَحلاتَ ۾، وَري تان…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- اَڱَڻِ آڻي ڪَرَھو، جَهلِي وِھُ جهوڪي، ساھُ مُنھِنجو سُپرين، راڻا وَھِيين روڪي، سِڪان ٿِي تو کي، مُنھُن ڏيکارِجِ مَينڌَرا.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- جِيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرا، وَڏِي جاڙَ ڪِئاءِ، وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ، سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- مِيان مَينڌَرا موٽُ، بَخشُ ڪَرِ بُڇايُون، تُون گهَڻيُنِ گهوٽُ، مُون وَرُ تُونھِين ھيڪِڙو.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- آئُون اُتاھُون آيو، جِتِ ڪَنھِن جِي ناھِ مَجالَ، مُومَلَ جي ماڙِيءَ کي، طَرَحين طَرَحين تالَ، لَکين مارايو لالَ، موٽِئو اَچان…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مِيان مَينڌَرا تو جيھا ھُئا، مُون سين پُرسَنِ پَنجَ ھَزارَ، ھِڪِيُون کاڻِيُون خَزانَنِ جُون، ٻِئا موتِي مَڻِيارَ، قِصو ڪَھَندا وَڃَنِ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين، مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي، راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين…[ سُر راڻو - وايون ]