لَھان بابت
معنيٰ
لڀان، حاصل ڪريان، ملي وڃان، ھٿ ڪريان
To find, obtain, achieve, got
بيتن ۽ وائين ۾
- ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيان ڌَڙُ ناھِ، ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن، وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورَو لاءِ، پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- جَهلي تان نَہ رَھان، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، اَپَرِ عاجِزُ آھِيان، لالَڻُ جان نَہ لَھان، فَردا مُون ڦِٽِي ڪِي، واعِدي…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، شالَ مَ مِلان ھوتَ، مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻ سا ماٺِي ٿِئي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، ساٿِي ڪالِهُوڻا، لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي وِيرَ، ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ، جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- تَڪِيا تاڪِيائُون، وِئا رَمَندا رامَ ڏي، کِجان خَبَرَ نَہ لَھان، آديسِيَنِ آئُون، ڪَنھِن کُوڻِ کَنيائُون، ڪاڏي وِئا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِيسُون، پَنَ ٻوڙِين پاتارَ ۾، پَھَڻَ تارِين تُون، جَي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڏاتارُ تَہ تُون، ٻِئا مِڙيئِي مَڱڻا، مِينھَن تَہ مُندين وَسِڻا، سَدا وَسين تُون، جي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ، سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ، ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ،…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- پيئِي پاڻَ مَران، اَچي ڪَنِ ڪَرَ لَھان، قادِرَ ڪِئا گَهڻا، ڏُکِيءَ سَندا ڏِينھَڙا.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]