لَھان جي سنڌي معنيٰ
لڀان، حاصل ڪريان، ملي وڃان، ھٿ ڪريان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To find, obtain, achieve, got
لَھان جا بيتن ۾ حوالا
ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيان ڌَڙُ ناھِ،
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن،
وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا سي وَڍِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 13 ]
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن،
وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا سي وَڍِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 13 ]
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورَو لاءِ،
پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 6 ]
پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 6 ]
جَهلي تان نَہ رَھان، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي،
اَپَرِ عاجِزُ آھِيان، لالَڻُ جان نَہ لَھان،
فَردا مُون ڦِٽِي ڪِي، واعِدي نَہ وَھان،
صُباحَ سِينءَ نَہ سَھان، خَواھِ مارِيين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 1 ]
اَپَرِ عاجِزُ آھِيان، لالَڻُ جان نَہ لَھان،
فَردا مُون ڦِٽِي ڪِي، واعِدي نَہ وَھان،
صُباحَ سِينءَ نَہ سَھان، خَواھِ مارِيين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 1 ]
ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، شالَ مَ مِلان ھوتَ،
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻ سا ماٺِي ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 1 ]
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻ سا ماٺِي ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 1 ]
ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، ساٿِي ڪالِهُوڻا،
لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 2 ]
لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 2 ]
ڪَڏِھِين تاڪِيُون ڏِينِ، ڪَڏِھِين کُلنِ دَرَ دوسِتَنِ جا،
ڪَڏِھِين اَچان اَچَڻُ نَہ لَھان، ڪَڏِھِين ڪوٺِئو نِين،
ڪَڏِھِين سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏِھِين ڳُجهاندَرَ ڳَرَھِينِ،
اِھڙائِي آھِينِ، صاحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 24 ]
ڪَڏِھِين اَچان اَچَڻُ نَہ لَھان، ڪَڏِھِين ڪوٺِئو نِين،
ڪَڏِھِين سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏِھِين ڳُجهاندَرَ ڳَرَھِينِ،
اِھڙائِي آھِينِ، صاحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 24 ]
صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي وِيرَ،
ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ،
جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 18 ]
ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ،
جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 18 ]
تَڪِيا تاڪِيائُون، وِئا رَمَندا رامَ ڏي،
کِجان خَبَرَ نَہ لَھان، آديسِيَنِ آئُون،
ڪَنھِن کُوڻِ کَنيائُون، ڪاڏي وِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 17 ]
کِجان خَبَرَ نَہ لَھان، آديسِيَنِ آئُون،
ڪَنھِن کُوڻِ کَنيائُون، ڪاڏي وِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 17 ]
ڏاتارُ تَہ تُون، ٻِئا مِڙيئِي مَڱڻا،
مِينھَن تَہ مُندين وَسِڻا، سَدا وَسين تُون،
جي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 11 ]
مِينھَن تَہ مُندين وَسِڻا، سَدا وَسين تُون،
جي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 11 ]
لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ،
سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ،
ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، ھُتِ پِرِينءَ پَرواھَ ناھِ ڪا.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 3 ]
سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ،
ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، ھُتِ پِرِينءَ پَرواھَ ناھِ ڪا.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 3 ]
English Meaning
To find, obtain, achieve, got