لَنگهي بابت
معنيٰ
گذري، مَٽي، رستي تان لنگهي، رستو پار ڪري، ڪٿان پنڌ ڪري وڃي، لنگهي وڃي، وڃي، اڳتي نڪري وڃي، پار پوي، اورانگهي، اڳتي وڌي، هليو وڃي، لتاڙي، حد ٽپي، اُڪري، جهاڳي چڙهي.
To pass over, cross, surmount. (v. n) To go by, pass by. (S. m) Fast, Fasting.
بيتن ۽ وائين ۾
- پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري، ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري، جو لَڳُمِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين، ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ، پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ، دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ، سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- آڌِيءَ اُڌاڻا، سَرَتِيُون سُکَ ميھارَ جا، لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا، ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- آڌِيءَ اُڌاڻو، ھِينئَڙو مُون ھَٿَنِ مان، لَنگهي سِيرَ سَنئُون ٿِئو، ساھَڙَ سِيباڻو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀاڻو، پِيَ جو پَسِي آيو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- اللهَ اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَھو ٿِئي، پَسان مانَ پَرِ ڪَھِين، تَنِ جَتَنِ سَندِي جُوءِ، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي،…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچارِيءَ رُوءِ، بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڀِنِيءَ ٿِئا ڀيڙا، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنَ ۾، آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ، لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندي ڏيھَ تي، توڏَنِ جُون تَڙَ ڀِيڙَ ۾، تَرِيُون تَرٽِجَنِ تان مَ، اوٺِيئَڙا آرامَ، لَنگهي پَٻُ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، لَڪِ نَہ لاٿَئُون، پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، نوعَ سين نِيائُون، جِيئَن مُون سين ڪِئائُون، تِيئَن ڪيچِيَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- وَرِئو واءُ وِصالَ جو، ڏيرَنِ ڏِھائِي، مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھائِي، اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڳائو نَہ وائو ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو، لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو، ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- ھاڙھو ڳاڙھو ھوتَ، ڪيچِي ڪالَهہ لَنگهي وِئا سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي مَٿي تائِين مَوتَ، لَڳَندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَس پوتَ،…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ، تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي موچارِي مَڱڻي، اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ، سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،…[ سُر سورٺ - وايون ]
- ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ جُوانُ، ڪاھِ تَہ لَنگهيئِي، ڪانُ، نانگَنِ ھَٿان نِينھَن جو.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ”لا“ لَنگهي لالُ لَکِئو جَنِ، عَدُمَ جي اوڙاھَ تِي، ڪِئا آسَڻَ اڌُوتِيَنِ، گَردانِئو گُنگَنِ، گِردابَ جي گِيانَ سين.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ڪِجي آسَ اللهَ جِي، پِيَ نَہ وِجِهجي پاڻُ، سَچو جَنِ پَرياڻُ، لَنگهي سي پارِ پِئا.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- ڪَنڊِ لَنگهيندي ڪاڻِ، پييَمِ پَنوَهارَنِ سين، اُتي جِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، رُنِي سَڀَ رِهاڻِ، هِنَ هِيڻائيءَ هاڻِ، ڪَنڌُ مَٿاهُون نَه کَڻان.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي، ويڙهِيچا وِئا، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا، جيڏِيُون جاڙَ جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]