لَتَ بابت
معنيٰ
ڄَنگهہ، پيرُ، ٽَنگ. ٿُڏو، ٺوڪر، ٽنگ سان ڌڪ، بدن جي عضوي جو هڪ قسم، ٽَونٽِي، پشتاڙ، اِٽ، چڙهِي، اُٿيڙ، اُڇل، پير جو زور، دٻڪو، آهٽ. ٻيڙيءَ جي رسيءَ جو هڪ قسم، ٻيڙيءَ جي پرماڻ کي کوهي تي لاهڻ چاڙهڻ لاءِ اڳئين پاسي ٻڌل واجهہ.
The foot, leg, a tread, kicks.
بيتن ۽ وائين ۾
- حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ، پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ، سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري، آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري، دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- موٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کي ڏِيو مَ جيڏِيُون، نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، آرِياڻِي اَلبَتَ، ڪِندِيَسِ اوٽَ اُنِ جِي، لَڪَنِ ڏيئِي لَتَ، سَرَتِيُون…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو، سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو، پُڇان ٿِي پُنهونءَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونھارِيءَ جوڙَ، تَر يارا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونھَن موڙَ، دَولَتَ چايان دوڙَ، جي مُون نِيو پاڻ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- غافِلِ غَفلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪِيئَن اَڻاسِي اوجِهرين، چُپاتا چَڙِھِي وِئا، وَڃِي پَھتا توڙِ، نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري، ڏيئِي لَتَ چَرَخي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ، ڪِتُمِ جَنھِن لاءِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گهَران، مَھيسِي مَخلُوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران، پُڇَنِ توءِ شَرَعَ، جَي عَدالَتَ اُنِ کي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- سَناسِي سيئِي، جي آدَمان اَڳي ھُئا، اورِيان اورِينِ عامَ سين، پَرِيان پَريئِي، چوٽا جَنِ جا چيرُئان، ٻيلوتا ٻيئِي، دُرسُ دَلالَتَ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- اِجهو آدَمُ آيو، ڪُلِهي تي ڪوڏارِ، ٻَنِيءَ مَنجهان ٻارِ، کَنيائِين خُلَتَ جِي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ضادَئُون ضَلالَتَ کان، پاڻان وِئا پَري، مَنجِهہ مُراقِبي مَشغُولُ ٿِئا، ڪامِلَ قَلبَ ڪَري، مالَها پُوتَئُون مَنَ جِي، پَڙَهنِ وِردَ وَري،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- پارانڀانِ پَچارِ، مَٿي لامَ لَطِيفُ چئَي، ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ آنهِنجي ڪارِ، جي ڏِٺا ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگَ تُنھِنجِيءَ ڇانگَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، مَٿان لامَ لَتَ ڏِئو، ٻولِيين سِرِ ٻيلانگَ، اُڏءُ مَٿان ڦانگَ، کَرَ جاوَنِ آوَنِ پِرِين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾، مُون ڏِٺا مُون وِسَهو اڳي پِيڇي اَنڌا، اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وجَهندا،…[ سُر پورب - وايون ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]