سِجِ بابت
معنيٰ
سورج، آفتاب، شمس، آڏِتِ، آدتيہ، سُورِيہ، سِڄُ، مِھر.
The sun.

بيتن ۽ وائين ۾
- جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، پاڻُ ڪِيائين پَرِوارُ ، حامِي، ھادِي، ھاشمِي، سَرِدارين سَرِدارُ، سُنھي صَحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجِهہ مَسِجِدِ مڻيادارُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا، ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي، ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ، قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ، آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ، سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ، پَلُرُ پِيارينِ،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا، اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا، جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- پاڻُ نَہ ٿِئي پاڻَ کان، پاڻان ٿِيين پاڻُ، ڄاڻِي ڏِسِجِ ڄاڻَ کي، ڄاڻِي مَنجهان ڄاڻَ، جِمَ سُمهين سَسُئِي، ٿِيجِ پَنڌِ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، اللهَ لَڳِ آرِي، ڀُڻان بيڪارِي، تُون پارِسَ رَسِجِ پَٻَ ۾.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ آٽَ ۾، وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ، لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ٻيلِي ناھِ ٻِئو، ھَئَي ھيڪلو جِندَڙو، پَھڻَنِ مَنجِهہ پِئو، اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ساٿِي نَہ پانڌِي، لَٽي لوڙُه فَقِيرِ جو، ڪالَهہ وَھِئا ڪانڌِي، جا دِلِئُون دَرماندِي، تَنھِن کي…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ھي جٖي آيا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، آئُون تَرسان ھُو تَڪِڙا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ، ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ، وَرُ وِلَهَنِ جا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، گُهتُون گوھِيُون ڇَڏِ، لَڏو لاھِ مَ لَڏِ، تَہ ڳاڙهي سِجِ ڳالِهہ مِڙين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين، رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن، اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي،…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- مَدِيني جا شاھَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڪارَڻِ لَڳِ اللهَ، سِگهو رَسِجِ سيگَهہ ۾.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- اُڀِرَندي سِجِ، پِرِين جٖي نَہ پَسَندِيُون، ٻيئِي ڪَڍِي ڏِجِ، اَکڙِيُون ڪانگَنِ کي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]