سُھاڳَ بابت
معنيٰ
سڀاڳ، بخت، ڀاڳ، خوشحاليءَ سٺي قسمت، پيار، قرب، محبت. مڙس جو پَرڻي وارو پيار، مڙس جي حياتيءَ تائين پائڻ جو ڳھُ. نَٿَ، پوپو. مانگهہ ڪوڪو وغيرہ. مڙس جي زندہ هئڻ جي نشاني. خاوند يا گهر وارو.
A husband. Good fortune, the affection of a husband.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي مُنھَن ۾ مَدِيُون نَہ ڏيِين، تو ۾ ٻَڌِياسِ، سوڍا اِنَ سُھاڳَ کي، ويٺي واجهاڻِياسِ، ڍولا تو ڍَڪِياسِ، ڏيئِي پاندُ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- آءُ راڻا راحَتَ، ڌُوڻَ ڌَرَتيءَ جا ڌَڻِي، سِڪَنِ ٿِيُون سُھاڳَڻِيُون، سوڍا تُنھِنجِيءَ سَٿَ، مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ، چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ، سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو، سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو، بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مَلَ، سَمي جي سُھاڳَ جِي، ڪَنھِن نَہ پيئِي ڪَلَ، مِٽِي اِيءَ مُرسَلَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ، ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- توڻي ڏِيين ڏُھاڳُ، تَہ سَؤُ سُھاڳَنِ ڀانيان، مُون کي تُنھِنجو سُپرِين، سَڀوئِي سَڀَاڳُ، دوسِتَ تُنھِنجو داڳُ، ڌُئان ڌوتو نَہ لَھي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، سَدا ٿِيُون ڪَنبَنِ، ڪوھُ ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏِيندو وَلَهو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، ڪِھَڙي ڏوھِ ڪَنبَنِ، وَرُ وِڏُوڻو اِيَھِين، جِيئَن جِيئَن پاڻُ پَسَنِ.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي ڳِچِيءَ ھارَ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ کي، ڪَنِ سَھِسين ڀَتين سِينگارَ، ڍولُ تَنِي جِيءَ ڍارَ، ھيٺاھِيُون ھَلَنِ جي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي مُنھِن جَڙاءُ، سَڀَ ڪَنھِن ڀانيو پاڻَ کي، اِيندو مُون ڳَرِ راءُ، تان پيٺو تَنِ دَران، جي پَسِي…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ، چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ، ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ويٺي وِھسِيَسِ وِچَ ۾، سَرَھِي سارِي راتِ، سَرَھِيُون سُھاڳَڻِيُون، مُون جيڏِيُون مُون ذاتِ، مُون کي ڪَنھِن سَڀَاڳَ، ڪَڍِي ڪاڻِيارو ڪِئو.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- آيَمِ مَنجِهہ ڏُھاڳَ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا، مَڻِيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ، آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ، مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ماڙِيءَ چَڙِهئو مي، ٿِي ھَڻي حَرَفُ حِسابَ جو، جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي، ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي، تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]