سُھاڳَ جي سنڌي معنيٰ
سڀاڳ، بخت، ڀاڳ، خوشحاليءَ سٺي قسمت، پيار، قرب، محبت. مڙس جو پَرڻي وارو پيار، مڙس جي حياتيءَ تائين پائڻ جو ڳھُ. نَٿَ، پوپو. مانگهہ ڪوڪو وغيرہ. مڙس جي زندہ هئڻ جي نشاني. خاوند يا گهر وارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A husband. Good fortune, the affection of a husband.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
سُھاڳَ جا بيتن ۾ حوالا
جَي مُنھَن ۾ مَدِيُون نَہ ڏيِين، تو ۾ ٻَڌِياسِ،
سوڍا اِنَ سُھاڳَ کي، ويٺي واجهاڻِياسِ،
ڍولا تو ڍَڪِياسِ، ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 22 ]
سوڍا اِنَ سُھاڳَ کي، ويٺي واجهاڻِياسِ،
ڍولا تو ڍَڪِياسِ، ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 22 ]
راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ،
چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ،
سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 6 ]
چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ،
سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 6 ]
مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو،
سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو،
بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 9 ]
سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو،
بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 9 ]
جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مَلَ،
سَمي جي سُھاڳَ جِي، ڪَنھِن نَہ پيئِي ڪَلَ،
مِٽِي اِيءَ مُرسَلَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 4 ]
سَمي جي سُھاڳَ جِي، ڪَنھِن نَہ پيئِي ڪَلَ،
مِٽِي اِيءَ مُرسَلَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 4 ]
ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ،
چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ،
ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي مَنجِهہ سُھاڳَ،
جيلاھَ ڀَرُ ڏِنائِين ڀاڳَ، تي آيُسِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 13 ]
چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ،
ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي مَنجِهہ سُھاڳَ،
جيلاھَ ڀَرُ ڏِنائِين ڀاڳَ، تي آيُسِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 13 ]
تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ،
پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ،
مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ ھارَ،
دوسِتَنِئون دُورِ ڪِيَسِ، ھِنَ ڪُوڙي ڪَڻَهارَ،
آھِيان عَيبِدارَ، سِڪان ٿِي سُھاڳَ کي.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 17 ]

ماڙِيءَ چَڙِهئو مي، ٿِي ھَڻي حَرَفُ حِسابَ جو،
جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي،
ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي سُولُ سُھاڳَ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 8 ]
جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي،
ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي سُولُ سُھاڳَ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 8 ]
اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي،
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي،
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
ڄارو ڄامَ ڪُلِهي ڪِئو، عِشقُ اِيئَن ڪَري،
سَمي جي سُھاڳَ جو، مِينڍو ڳُتو مي،
جَنِ نَہ وِھارِي وَٽِ ۾، ٿِئَڙا سَلامِي سي،
عالَمُ اِنعامِي ڪِئو، نُورِيءَ نازُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 1 ]

اَگهِئا ويڻَ وِھاڳَ، ڏِنگا ڦِڏا ڏَڏَ جا،
مَٿي موٽِئا مَڱڻين، سَندا ڏِينھَن سُھاڳَ،
رُوءِ ٿِئو ڏاران راڄَ، سَٻَڙَ راتِ سَمَگِئو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 42 ]
مَٿي موٽِئا مَڱڻين، سَندا ڏِينھَن سُھاڳَ،
رُوءِ ٿِئو ڏاران راڄَ، سَٻَڙَ راتِ سَمَگِئو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 42 ]
آيَمِ مَنجِهہ ڏُھاڳَ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا،
مَڻيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ،
آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ ڪَري.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 9 ]
مَڻيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ،
آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ ڪَري.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 9 ]
English Meaning
A husband. Good fortune, the affection of a husband.