سُھاڳُ جي سنڌي معنيٰ
سڀاڳ، بخت، ڀاڳ، خوشحاليءَ سٺي قسمت، پيار، قرب، محبت. مڙس جو پَرڻي وارو پيار، مڙس جي حياتيءَ تائين پائڻ جو ڳھُ. نَٿَ، پوپو. مانگهہ ڪوڪو وغيرہ. مڙس جي زندہ هئڻ جي نشاني. خاوند يا گهر وارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A husband. Good fortune, the affection of a husband.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
سُھاڳُ جا بيتن ۾ حوالا
راڻي جي رُسَڻَ جو، دِلِ ۾ اَٿُون داڳُ،
وَٺِي وِئو پاڻَ سين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
مُون کي ڏيئِي ڏُھاڳُ، ڪاھي وِئو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 23 ]
وَٺِي وِئو پاڻَ سين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
مُون کي ڏيئِي ڏُھاڳُ، ڪاھي وِئو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 23 ]
تِيئَن مان وَڏو ڀاڳُ، جِيئَن راڻي گهَرِ راڄِيُون،
مُومَلَ ويٺي ماڻِئو، سوڍي جو سُھاڳُ،
تَنھِن کي ڪِھَڙو ڏُھاڳُ، سَڌَرُ جَنھِن جو سُپِرِين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 13 ]
مُومَلَ ويٺي ماڻِئو، سوڍي جو سُھاڳُ،
تَنھِن کي ڪِھَڙو ڏُھاڳُ، سَڌَرُ جَنھِن جو سُپِرِين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 13 ]
سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ ڏِٺومِ،
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
سُھاڳُ پِہ سَنبِران، ڏُھاڳُ پہ ڏِٺومِ،
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 19 ]
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 19 ]
ڏوري لَھُ ڏُھاڳُ، جَنھِن ڪَرَ لاھُو داسَڙو،
گهورِئو سو سُھاڳُ، جَنھِن ۾ پَسِين پاڻَ کي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 25 ]
گهورِئو سو سُھاڳُ، جَنھِن ۾ پَسِين پاڻَ کي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 25 ]
ڏيئِي جَي ڏُھاڳُ، مُون کي وَرَ وِھارِيين،
مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
اَجهو تُون آڳُ، وَڏو آھِينمِ وَلَها.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 20 ]
مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
اَجهو تُون آڳُ، وَڏو آھِينمِ وَلَها.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 20 ]
سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري،
جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ،
سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 4 ]
جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ،
سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 4 ]
ڪِي سُمُهہ ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري،
سيڻَنِ جو سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 5 ]
سيڻَنِ جو سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 5 ]
تو ڪوٺي تو ڊوھي، ڏِنو تو ڏُھاڳُ،
دوسِتَ تُنھِنجو داسَڙا، دِلِ اَندَرِ مُون داڳُ،
ڀانيان سَڀَ سُھاڳُ، جَي مُون کي وَرَ وِھارِيين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 18 ]
دوسِتَ تُنھِنجو داسَڙا، دِلِ اَندَرِ مُون داڳُ،
ڀانيان سَڀَ سُھاڳُ، جَي مُون کي وَرَ وِھارِيين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 18 ]
English Meaning
A husband. Good fortune, the affection of a husband.