سَگهان بابت
معنيٰ
طاقت هجي، زور هجي، وِت هجي، سَگهہ رکان، ٻَلُ هجي، توفيق ٿئي. لائق ٿيان، پورائو ڪريان. (ڪوبہ ڪم ڪري پُڄڻ)
Can do, perform, act, to be.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، ڪَپي ۽ ڪوري، سَگهان نَہ چوري، ڏاڍو نِيَرُ نِينھَن جو.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪِي تَران ڪِي تاريجِ، ڪِي سَگهان ڪِي سَگهُہ، آڏو ڏيجِ مَ گهَگهُہ، مُون ھيڪَلِيءَ وَلَها.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين، آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو، مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ٻاروچي سان ٻَڙِي جيڏِيُون، ھيڪَر ٿِيان ھيڪاندِي، چَڙِھِي نَہ سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان دِلِ ماندِي، پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، باندِيَنِ…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- جانۡ تُون وَڃين ڪيچِ ڪَھِي اي اَدا، ڏِجِ پارانڀو پِرِينءَ کي، مُون مُٺِيءَ مَٿان ڪيتِرا، وِئَڙا ڪانگَ لَنِئي، آئُون ڦوڙائِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، اَلبيلِيُون ۽ آلي، موھِيو مَنُ مَجازَ سين، نيڻَنِ جي نالي، سَگهان نَہ جالي، تو ريءَ ساعَتَ سُپِرِين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سا وَڻِڪَ، سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ، ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين،…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مُون سي ڏِٺا ماءَ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي، ڪَري نَہ سَگهان ڪا، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڀينَرُ ڀيرِئو داسَڙو، چَنيسَرُ چئَي، ھِيءُ جو ڏَنڀُ ڏُھاڳَ جو، سَگهان ڪو نَہ سَھِي، مُون کان تان پَئِي، تُون کَمين…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- حَقِيقَتَ ھَڻِي، مُنھِنجِي جانِ جُدا ڪِي، ھيڪو پَساھُ پِرِينءَ ري، سَگهان تان نَہ کَڻِي، ڌَڻِي ۽ ڌَڻِي، اَچِي رَھِئو رُوحَ…[ سُر آسا - مجازي مام ]
- نَظَرُ نَزدِيڪونِ، آئُون سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سِينءَ، پَسَڻَ پَري ٿِئُونِ، آئُون نالي ڳِيِڙي نِجُهران.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- اي مِيان سَڄَڻَ، تو ري ڪِيئَن رَھندا نيڻَ مُنھِنجا، جَنِ جو آڌارُ تُون، جِئائِين اُلَهي اُڀَري، توڙي تِئائِين پَري، توءِ…[ سُر آسا - وايون ]
- مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ جي ويجها وَسَ کي، آءُ حَمِيرَ ڀَڃُ زَنجِيرَ، هِيئَن نَہ سَگهان هِتِ گهاري، اِلاهِي عِنايَتَ…[ سُر مارئي - وايون ]