دارُون بابت
معنيٰ
علاج، طِب، ٻُڪي، ڦَڪِي، ڊَڀُ، دَرمَلُ وغيرہ
Drug, medicine, cure, remedy etc
بيتن ۽ وائين ۾
- عِشقَ جي اَسبابَ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون، دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون، آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون، تِھان پوءِ…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ٿِيندو تَنَ طَبِيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو. ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ. پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا، راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي، دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دارُون، دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون، ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَردَنِ، تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ، تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- جانۡ ڪِي ڪَري طَبِيبُ، دارُون ھِنَ دَردَ جا، ھَڻِئو سي حَبِيبُ، اُکوڙِئو اَڌَ ڪَري.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- دارُون ۽ ڪارُون، جانۡ ڪِي ڪِئا ويڄَ مُون، ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، نِھاري نارُون، جَنِ جُون سيڻَ لَھَنِ سارُون، تَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِيئُون ويجهو گهَڻو، دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ، ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئُون مارِي، سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ، ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا،…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- دَردَ رانجَهنِ دي ھِيءَ دِلِ مارِي مَولا، ايڪَ گهَڙِي دي ويکَڻَ ڪِيتي گهِنِ ڳِيا دِلِ سارِي، ڪوئِي حبِيبُ طَبِيبُ بَتاوي،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- دَردَ مُنھِنجي جا دارُون، يارَ موٽُ سَٻاجها سُپِرِين، مُون لَڳِيُون مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون، سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ پاڻا، لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا، دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- طالِعُ اَڄُ وَرِئو، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، چِڪِئا چاڪَ چَڱا ٿِئا، جَنِ ٿي ڪالَهہ ڪُرِئو، آڻي اَڻَ تُرِئو، دوسِتَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جٖي وِڪامي پَدَمَ، سَمُو دَمَ قَدَمَ ، ٿو جالَ پِياري جَکِرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جي وِڪامي نِيلَ، سَمُو ڄامُ سَبِيلَ، ٿو پُوڄُ پِياري پَھِيڙا،[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]