حَيرَتَ بابت
معنيٰ
عجب، پريشاني، حيراني، اچرج، تپرس. تَعَجُب، وِيچارُ، ڳڻتي، موڳائي، بيھوشي، غَش، ڳَھَرَ، مُونجهہ.
Astonishment, surprise, fainting, confusion.
بيتن ۽ وائين ۾
- گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ، لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان، ڪُنَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو، وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ، وَڃان تَہ واڪو پَئي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چاءِ پَئِي، ھِندُو حَيرَتَ ۾ پِئا، لالِي ڪِي لَبَنِ، چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِيئَن، وِڄَڙِيُوِنَ وِھسَنِ،…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ، سِرِ سيلا ڳَلِ ڪَچُئا، گهُورُنِ تِنِ گهايوسِ، ڇَھَ مَھِينا ڇوھَ مان، پاسي ڀَرِ پِئوسِ، مَنجِهہ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جِي، ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو ھَلَڻُ ۾ حَيرَتَ، عَجَبُ عِبادَتَ، پَھُ پَرُوڙَڻُ اُنِ جو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ مَٿي عامَ، سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو ويڇُون، مَحَبتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ دَرَڪُ، جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو، ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- سِنجي سِنجي کُوهَ، ويڙهي وِئا وَرَتَ، مِيان مارُوئَڙَنِ جِي، هِينئَڙي مَنجِهہ حَيرَتَ، چُڻِڪَن اَندَرِ چِتَ، سانبِيَڙا ساڏَويُون.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- ويٺو جِيئَن وِماسيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھَڌِ، لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇَپائي ڇَڏِ. آئُون اَسِين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھاڻِ، لَلَنِ کي لَطِيفُ چئَي، اَڇي ساڻُ اَراڻِ، ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو ھَنجُ حَبِيبَ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھورِ، اُونُهون جو اَڇو وَھي، گِهڙِي تِئائِين گهورِ، ڏَنِيُون ھَڏِ مَ ڏورِ، گهورِئو گُپُ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]