حَيرَتَ جي سنڌي معنيٰ
عجب، پريشاني، حيراني، اچرج، تپرس. تَعَجُب، وِيچارُ، ڳڻتي، موڳائي، بيھوشي، غَش، ڳَھَرَ، مُونجهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Astonishment, surprise, fainting, confusion.
حَيرَتَ جا بيتن ۾ حوالا
گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ،
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ،
لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان،
ڪُنَنِ جِي ڪَشوڪَشَ ۾، جُنبئا ڪي جُوانَ،
موڙي چاڙِھِيائون مَڪُڙا، ڄولي پَنھِنجا ڄاڻَ،
سُبْحَانَڪ اِنِّی اَھل العِجز من مَعْرِفَتڪ ، اِھَڙا جَنِ پَرِياڻَ،
وَڄائي وَڏاَڻ، حَيرَتَ ۾ ھَلِي وِئا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 3 ]

ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو،
وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ،
وَڃان تَہ واڪو پَئي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
ھُتِ ٿِي وَعدي وارَ، ھِتِ سُوٽُون ڏِينِ سَرَتِيُون.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 26 ]
وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ،
وَڃان تَہ واڪو پَئي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
ھُتِ ٿِي وَعدي وارَ، ھِتِ سُوٽُون ڏِينِ سَرَتِيُون.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 26 ]
گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چاءِ پَئِي،
ھِندُو حَيرَتَ ۾ پِئا، لالِي ڪِي لَبَنِ،
چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِيئَن، وِڄَڙِيُوِنَ وِھسَنِ،
لوچَنِ ٿا لَطِيفُ چئَي، پَسَڻَ لاءِ پِرِيَنِ،
ڪيسَرَ قَرِيبَنِ، سَنباھَي ساڻُ کَنيا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 13 ]

آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ،
سِرِ سيلا ڳَلِ ڪَچُئا، گهُورُنِ تِنِ گهايوسِ،
ڇَھَ مَھِينا ڇوھَ مان، پاسي ڀَرِ پِئوسِ،
مَنجِهہ حَيرَتَ ھوسِ، ڪِھَڙِي ڪَرِيان ڳالِهڙِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 17 ]
سِرِ سيلا ڳَلِ ڪَچُئا، گهُورُنِ تِنِ گهايوسِ،
ڇَھَ مَھِينا ڇوھَ مان، پاسي ڀَرِ پِئوسِ،
مَنجِهہ حَيرَتَ ھوسِ، ڪِھَڙِي ڪَرِيان ڳالِهڙِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 17 ]
ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جِي،
ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو ھَلَڻُ ۾ حَيرَتَ،
عَجَبُ عِبادَتَ، پَھُ پَرُوڙَڻُ اُنِ جو.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 22 ]
ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو ھَلَڻُ ۾ حَيرَتَ،
عَجَبُ عِبادَتَ، پَھُ پَرُوڙَڻُ اُنِ جو.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 22 ]
حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ مَٿي عامَ،
سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 12 ]
سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 12 ]
حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو ويڇُون،
مَحَبتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 13 ]
مَحَبتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 13 ]
حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ دَرَڪُ،
جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 14 ]
جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 14 ]
حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو،
ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 15 ]
ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 15 ]
سِنجي سِنجي کُوهَ، ويڙهي وِئا وَرَتَ،
مِيان مارُوئَڙَنِ جِي، هِينئَڙي مَنجِهہ حَيرَتَ،
چُڻِڪَن اَندَرِ چِتَ، سانبِيَڙا ساڏَويُون.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 11 ]
مِيان مارُوئَڙَنِ جِي، هِينئَڙي مَنجِهہ حَيرَتَ،
چُڻِڪَن اَندَرِ چِتَ، سانبِيَڙا ساڏَويُون.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 11 ]
English Meaning
Astonishment, surprise, fainting, confusion.