حاجَ بابت
معنيٰ
حاجَتَ. احتياج، گهرج، ضرورت، طلب، مُدعا، خواهش.
Need, desire, wanting, demand.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ، ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ، حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ، ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ، قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ، ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، گَهِليُون ۽ گهوڙا، لاھِينِ نَہ لوڙا، جي تو حاجَ ھيرِيُون.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اُوڻَٽِيھَن آيا، سَناسِي سَرتاجَ، حاصِلُ حُسَينِيَنِ جِي، سَڀَ ٿِيندِي حاجَ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، ويٺا وِجَهنِ واجهَہ، ساڌُو اُوءِ سَٻاجَهہ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪائِنَ بائِنَ ڪاپَڙِي، پَرُوڙَڻُ پَري، صُحبَتَ سامِيَڙَنِ جي، سَچِي شالَ سَري، اَندَرَ دُزدُ مَري، تَہ حاصِلُ تو حاجَ ٿِيي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- اَکَڙِيُنِ کي آھِينِ، عَجَبَ جِھَڙِيُون عادَتُون، سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وَڃِئو وِھائِين، اُتي لَنئُن لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناھِ ھَٿِيارَ جِي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري جِيئَن پِڃِئو، ھَٿَنِ ڇَڏِي حاجَ، ويئِي سارَ سَنڌَنِ مان.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِھارِ، اُڀا اَڱَڻَ پارِ، پَسُ پَنھِنجا سُپِرِين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ساري حاجَ هِئان، کَنيائُون کائُرِ ڏي، ڏَلِهي کُوهَ ڏِسِ ڪَنھِين، ويڙِهِيچا وِئا، لائي لَڏَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا، ڇَڏي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- پَکَي پيھِي آئِيين، ڪِھَڙِيءَ حاجَ حَمِيرَ، تُون ڏِٺي مُون ڀؤُ ٿِئو، سَونچو مَنجِهہ سَرِيرَ، مِيان مَنجِهہ مَلِيرَ، اَڳَ نَہ ڏِٺين…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- وَڃين نَہ پيھِي، پِٿُونءَ لَيءِ پاتارَ ۾؟ ڪَنڌِيءَ ۾ ڪيھِي، حاجَ تُنھِنجِي ھَنجَڙا.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]