حاجَ جي سنڌي معنيٰ
حاجَتَ. احتياج، گهرج، ضرورت، طلب، مُدعا، خواهش.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Need, desire, wanting, demand.
حاجَ جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]

سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ،
ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ،
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 2 ]

ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]

اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، گَهِليُون ۽ گهوڙا،
لاھِينِ نَہ لوڙا، جي تو حاجَ ھيرِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 35 ]
لاھِينِ نَہ لوڙا، جي تو حاجَ ھيرِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 35 ]
اُوڻَٽِيھَن آيا، سَناسِي سَرتاجَ،
حاصِلُ حُسَينِيَنِ جِي، سَڀَ ٿِيندِي حاجَ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، ويٺا وِجَهنِ واجهَہ،
ساڌُو اُوءِ سَٻاجَهہ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 29 ]

ڪائِنَ بائِنَ ڪاپَڙِي، پَرُوڙَڻُ پَري،
صُحبَتَ سامِيَڙَنِ جي، سَچِي شالَ سَري،
اَندَرَ دُزدُ مَري، تَہ حاصِلُ تو حاجَ ٿِيي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 3 ]

ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا،
ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين،
ماڻِڪَ موتِي مالَ خَزانا، ڏِيندُءِ ٻيلِي سائِين،
وِرِچِي تُون وِھاڳَ کان، مَتان ڏيِين پانھِين،
دَرِ داتا مَڱُ مَڱَتا، اَنڌا ھوئِجِ ايڏھِين،
مُذَڪِرَ مَتان ڇَڏِيين، ھَٿان ھيڪِڙائِي،
اَچِجِ اُلُوھيَتَ ڏي، ڇَڏِ ٻارِٽَ ٻِيائِي،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، کَڻُ سَمُو سَوائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين،
پَنھِنجي طَرَفِ پاڻِهين، سائِلَ سَڏِئائِين،
جِتي جُوانَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائين،
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلُفَتَ اُھُڃُ ڏِنائِين،
تَنبُو کَڻُ مَ تيڏانھِين، جيفو آھِ جيڏانھِين،
ڪِيرَتِ ڪَرِ قُرِبَ سين، خُلَتَ کاڄُ ڏِنائِين،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، اِنَ پَرِ اُتائِين،
ڳُجُهہ ڳُجهاندَرَ ڳالِهيُون، رازُ نَہ رَکِئائِين،
پَسو پينارَن جي پَٽَ ۾، پَنھِنجو پاڻُ وِڌائين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 1 ]

مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري جِيئَن پِڃِئو،
ھَٿَنِ ڇَڏِي حاجَ، ويئِي سارَ سَنڌَنِ مان.
[ سُر آسا، مجازي مام، 5 ]

ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِھارِ،
اُڀا اَڱَڻَ پارِ، پَسُ پَنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 10 ]

ساري حاجَ هِئان، کَنيائُون کائُرِ ڏي،
ڏَلِهي کُوهَ ڏِسِ ڪَنھِين، ويڙِهِيچا وِئا،
لائي لَڏَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا،
ڇَڏي ڳُڻَ وِئا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 8 ]