تُرَھو بابت
معنيٰ
ڪکن، ڪانن ۾ ڪاٺين جو نوڙين ۽ رسين سان تر ٻڌي پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ ٺاھيل ھڪ قسم جو منجو.
A raft of wood and reeds.
بيتن ۽ وائين ۾
- تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنھِنجو تُرَھو، اُونِهي ۾ آڻي، ڪونَہ ڏيِندُءِ ڪو ٻِئو.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي سي ميھارُ، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ، تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- عِشقُ جَنِي کي آڪِرو، تُرَھو مَٿي تَنِ، جٖي ساھَڙَ کي سِڪَنِ، تَنِي جَرُ جَنڊُ ٿِئي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي، جَنھِن عِشقَ سين آگاھَ، پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڀَرِيُون ڀَرِ دَرياھَ، پَسُ جي پارِ پَوَندِيُون، ٻَڌُ تَوَڪَلَ جو تُرَھو، آھَرَ ساڻُ اللهَ، جَنِ جِي ساھَڙَ ساڻُ صَلاحَ، سي…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- جانۡ ڪي ڪَنڌِيءَ ڪانھَنۡ، تانۡ تاڻي ٻڌِجِ تُرَھو، ھَٿُ پِريان جي ھَٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻانھَن، سَندِي ڪَپَرَ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- آھِين ھِتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَھو تارِ جو، لَهرِيين لُڙَ لَطِيفُ چئَي، جَهلِئا جُنگَ جُوانَ، اُونِهي تَڙِ آڳَٽِئا، آڏِي پائي آڻَ،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- موُن سي ڏِٺا ماءِ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي، رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ، تَنِي جِي ساڃاءِ، تُرَھو ٿِيندِي…[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- تييُون توشو تِوڻِ نَہ ڪا، ڌُرِيائِينِ ڌارِينِ، ڏُکِئا سُکِئا ڏِينھَڙا، ٿا گهَٽَ اَندَرِ گهارِينِ، تَوَڪَلَ ٻَڌائُون تُرَھو، ٻِي وائِي نَہ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]