اَڳِيان بابت
معنيٰ
اڳ ۾، سامهون، مھندان. مقابل، آڏو، روبرو.
In front of, in presence of, before, than, in comparison with.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ، لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي، دوسِتَنِ اَڳِيان ڌَرِ، عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- صَبُرُ گهَڻو سَفِرو، ٻِي جُڳائي ماٺِ، پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ، ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- مَ ڪِي ھيجِ مَ ھوجَ، تَرسُ مَ تاڻِ جَھازَ، چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ، تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو، اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو، آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- مُون کي ڀانئين ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا ھَلِئا، اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ، ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ، لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ، تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- مُنڪِرَ ۽ نَڪِيرَ کي، جَڏھِن ڏِٺائِين، اَڳِيان اُٿِي اُنِ کي پُنهون پُڇِيائِين، اَدا اِئائِين، ڪو لَنگِهئو ساٿُ سَڄَڻَ جو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- مُنھان مَھِندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جٖي وِئا، سيڻَ مُنھِنجا سَرَتِيُون، قَضا ھي ڪِئا،…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سوڍا شَرَمُ جَنِ، موٽِي آيو مُنھَن ۾، سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِئو عَيبَ اَڳِيان.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا شَرمايُون، پَسِي عَيبَ اَڳِيان، نَڪَ نِرجايُون ھُيُون مُنھِنجي حَقَ ۾.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪَڍِي ڪانگا تو ڏِيان، ھِنيُون ساڻُ ھَٿَنِ، وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَنِ، پِرِين مانَ چَوَنِ، تَہ ھِيئَن قُربانِي ڪيرَ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڦِران ڦيريندارُ، سَدا شوقَ پِرِيَنِ جي، مانَ سَڃِينِهُون يارُ، اَڳِيان اَکڙِيُون کَڻِي.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- تاڃِي تورِيائُون، نَہ عيبَ نِکَتا اَڳِيان، ڪوٺي ڪاپائِتِيَنِ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون، اَگَلِي آيُون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَہ ٿِئا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]