اَچين بابت
معنيٰ
پھچين، وارد ٿئين، رَسَين، سَھڙجين. حاضر ٿئين، موجود ٿئين. داخل ٿئين. ملين. ڪٺو ٿئين، گڏجين.
To Come.
بيتن ۽ وائين ۾
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سِيءَ مَران سَڀَ راتِ، ڪامِلَ ڪَپاھَنِ ۾، جَهپَ نَہ اَچي جهاتِ، اَچين جي پِرِڀاتِ، تَہ آئُون…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو، دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو، آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ، اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ، جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، وَسِ نَہ ويچارِي، ھوتَ تُنھِنجِي ھَٿَ ري، پَھچي نَہ پارِي، اَچين جي آرِي، پاندُ، جَهلي لَڪُ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- موٽِي مَڱڻَھارَ، شالَ مَ اَچين ڪَڏِھِين، اَٺَئِي پَھَرَ عَلِيلَ کي، ڪُنڍو مَنجِهہ ڪَپارَ، جَنھِن تو سَڀَ ڄَمارَ، ھَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ھوڏَ ڇَڏي ھوڏي، جَي مان گهَرِ اَچين سُپِرِين، ڳالِهيُون ڳَرَھَڻَ جِھَڙِيُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي، جَي وِھين گَڏُ گوڏي، تَہ دَورَ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين، عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي، راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو ساري، مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري، اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- تُون ڪِئان اَچين ڪاپَڙِي، موٽِئو ڪِيئَن مارِي، آئُون اُتاھِين ٿو اَچان، جِتِ مُومَلَ موچارِي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، چَندَنَ چَوڌارِي، سُوڌا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِيسُون، پَنَ ٻوڙِين پاتارَ ۾، پَھَڻَ تارِين تُون، جَي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڏاتارُ تَہ تُون، ٻِئا مِڙيئِي مَڱڻا، مِينھَن تَہ مُندين وَسِڻا، سَدا وَسين تُون، جي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]