ھَنڌُ بابت
معنيٰ
ٿانُ، آستانو، ٿاڻو، ماڳ، مڪان، جاءِ، جڳھ، گهر، بيٺڪ، کٽ تي وڇائڻ لاءِ ٽپڙ، بسترو
Place, situation, abode, room, space, house, residence. Bedding, a bed.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ، کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ، پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ، سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪُلاھَ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ، وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ، ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو ھَنڌُ خالِي ناھِ، جي اَحَدا اَرَڳ ٿِئا، سي ڪانِئرَ ڪبا ڪانھَن، مُحِبُ مَجهِين مَنَ ماھَ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، ھاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ، ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ، سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- نازَ مَنجهاران نِڪِرِي، پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ، ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ، اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَچَنِ جي ھيڪارَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين، سِرُ ڪَرِيان سِرون، ھَنڌُ وِڇايان وارَ، ساڻُنِ سَڀَ ڄَمارَ، گولِي ٿِي گُذارِيان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- وِھَندَنِ کي ويڪَ ٿِئي، ھُوندَنِ ڪونِهي ھَنڌُ، مَنْ لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الڪُلُ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَنڌُ،[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- بازارِ جي بِيھَڻَ کان، سامِيَنِ ڪِئو سوڳَندُ، پِيتائُون پُرِ ڪَري، سَندو مَحَبتَ مَندُ، ٿِئا سَڻاوا سَيِّدُ چئَي، رِڙِھِي لَڌائُون رَندُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آھِ وِڳَندُ، ھَڏِ نَہ ڇَڏي ھَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَھارَ جِي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ، پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، حَمدُ جَنِي جو ھَنڌُ، اهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ ، اِيءُ پَنوَهارَنِ پَنڌُ، بارِي لاهِيين بَندُ، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]