ھَنڌُ جي سنڌي معنيٰ
ٿانُ، آستانو، ٿاڻو، ماڳ، مڪان، جاءِ، جڳھ، گهر، بيٺڪ، کٽ تي وڇائڻ لاءِ ٽپڙ، بسترو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Place, situation, abode, room, space, house, residence. Bedding, a bed.
ھَنڌُ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ،
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]

ڪُلاھَ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ،
وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،
ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ ڪِئو حالَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 7 ]

سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو ھَنڌُ خالِي ناھِ،
جي اَحَدا اَرَڳ ٿِئا، سي ڪانِئرَ ڪبا ڪانھَن،
مُحِبُ مَجهِين مَنَ ماھَ، مُون اَڄاڻندي اُجِهئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 22 ]

نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، ھاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ،
ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ،
سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين اَڙانگو پَنڌُ،
ڪِيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 28 ]

نازَ مَنجهاران نِڪِرِي، پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]

اَچَنِ جي ھيڪارَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين،
سِرُ ڪَرِيان سِرون، ھَنڌُ وِڇايان وارَ،
ساڻُنِ سَڀَ ڄَمارَ، گولِي ٿِي گُذارِيان.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 24 ]

وِھَندَنِ کي ويڪَ ٿِئي، ھُوندَنِ ڪونِهي ھَنڌُ،
مَنْ لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الڪُلُ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَنڌُ،
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 9 ]

بازارِ جي بِيھَڻَ کان، سامِيَنِ ڪِئو سوڳَندُ،
پِيتائُون پُرِ ڪَري، سَندو مَحَبتَ مَندُ،
ٿِئا سَڻاوا سَيِّدُ چئَي، رِڙِھِي لَڌائُون رَندُ،
ھادِيءَ تَنِي جو ھَنڌُ، جوڙايو جَبَرُوتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 24 ]

اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آھِ وِڳَندُ،
ھَڏِ نَہ ڇَڏي ھَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَھارَ جِي.
[ سُر بلاول، وڳند، 11 ]

قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ،
پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا راضِي ٿِيءُ، تَہ مارُنِ مِڙي مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 8 ]