گِلا بابت
معنيٰ
ڪنھن ماڻهو جي پرپٺ ڪَيَل بدناموسِي، ٻئي جي پرپٺ اوڻائي، نندا، شڪايت، غيبت، شڪوہ، پچار، عيب جوئي، لائي چائي، سڻيندي، گهٽتائي.
Defamation, backbiting, reviling, obloquy, infamy.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ ميھارَ جا، لَهِرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، دَھِلِجِ ڪِيمَ دِلِا، مَتان ڪا گِلا، ساھَڙُ سَمُنَ جِي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ، آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ، آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ، گهَرِ گهَرِ گِلا…[ سُر سھڻي - وايون ]
- گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾، جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري، لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا، مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي، ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي، لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي، ھَلِئا وِئا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وٽِيا ڪَنَ ڍارَ، ھَلِئا ھِنگِلاچِ ڏي، بابُو ڇَڏي بارَ، جٖي ڪِينَ قَبُولَڻَھارَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سِنڱي سالَ وَڄاءِ، مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ، ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ مُنھَن ۾ مُنڊائُون پاءِ، ڪَنَنِ ڪِينَ وِڃائِيو، جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وِڌاءِ، ڇَڏِ چادَرَ ٻَنِ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو، گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سَڀَيئِي سَھَنداسُون، وَٺِئو وينداسُون، مُنھُن پَنھِنجو پاڻَ سين.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ مَ ڪاپَڙِي، گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سي تان سَھِيو سَھُ، پُڇُ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگِلاجِ ھَلَڻَ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ مَ ڪاپَڙِي، اُلا جٖي عِشقَ جا، سي تُون، سَھِيو سَھُ، پُڇُ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگِلاچِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ نَہ نِھارِئو جوڳِيين، ھُئا ڪُويساھا ڪاپَڙِي، ٿي پُرئا پَراھين پَنڌِ، ھُو ھُئو ھِنَ ئِي ھَنڌِ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ پِہ نِھارِئو جوڳِيِين، ھُئا سُويساھا ڪاپَڙِي، ٿِي پُرئا پَراھين پَنڌِ، ھُو ھُئو ھِنَ ئِي ھَنڌِ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَرَنِ ۾ ڪَچڪولَ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، ڪَنِ حُسينِي ھولَ، گِلا ۽ غِيبَتَ جا، سَڀَ…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]