گِلا جي سنڌي معنيٰ
ڪنھن ماڻهو جي پرپٺ ڪَيَل بدناموسِي، ٻئي جي پرپٺ اوڻائي، نندا، شڪايت، غيبت، شڪوہ، پچار، عيب جوئي، لائي چائي، سڻيندي، گهٽتائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Defamation, backbiting, reviling, obloquy, infamy.
گِلا جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ ميھارَ جا،
لَهِرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، دَھِلِجِ ڪِيمَ دِلِا،
مَتان ڪا گِلا، ساھَڙُ سَمُنَ جِي ڪَري.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 11 ]

ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ،
آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ،
آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ،
گهَرِ گهَرِ گِلا جَا وَھي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
مَولا مُون کي ميڙيين، ڪُنڊِييَنِ جِيءَ قَطارَ،
مُون کي پِرِيَنِ ميڙيين، سَٻاجها سَتارَ،
ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا سانڀارا سَنڀارَ،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ کي، سَٻاجها سَتارَ،
تاڪُنِ تَڪِي آھِيان، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 13 ]

گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾،
جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري،
لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان لايان ڳَري،
جَو سِينگارُ سَرَتِيين، سو مُون ناھِ ڳَري،
جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، وَڃان پيرَ ڀَري،
قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، ڪَنھِن کي ڪِينَ ٽَري،
جيڪِي لِکئو لوحَ قَلَمَ ۾، پارِيان سو پَري.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 1 ]

مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا،
مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ،
سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ،
لَڄِيندو ٿو لاھِيان، ڪِينِهي مَنجِهہ ڪَپارَ،
جاجِڪَ جُهونا ڳَڙَه ۾، ھَلُ تَہ ٿِيُون يارَ،
مَڇُڻ موٽِي ڪَرِيين، گِلا جِي گُفتارَ.
[ سُر سورٺ، وايون، 3 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سِنڱي سالَ وَڄاءِ،
مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ،
ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي، صَبُرُ جِي سَھاءِ،
تَہ سامِيَڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نَہ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 5 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ مُنھَن ۾ مُنڊائُون پاءِ،
ڪَنَنِ ڪِينَ وِڃائِيو، جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وِڌاءِ،
ڇَڏِ چادَرَ ٻَنِ چَمِڙو، جُتِي تو نَہ جُڳاءِ،
سامِيڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نَہ ٿِيي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 6 ]

ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَرَنِ ۾ ڪَچڪولَ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، ڪَنِ حُسينِي ھولَ،
گِلا ۽ غِيبَتَ جا، سَڀَ ڀَڳائُون ڀولَ،
دُنِيا ڇَڏي دُرُستُ ٿِئا، ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ،
ڳوٺِ ڪِجاھِنِ ڳولَ، گَڏِجَنِ مانَ گَداوَ ۾.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 1 ]