گِلائُون جي سنڌي معنيٰ
ڪنھن ماڻهو جي پرپٺ ڪَيَل بدناموسِيون، ٻئي جون پرپٺ اوڻائيون، نندائون، شڪايتون، غيبتون، شڪوا، پچارون، عيب جوئيون، لائيون چائيون، سڻينديون، گهٽتائيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Defamations, backbitings, revilings, obloquy, infamies.
گِلائُون جا بيتن ۾ حوالا
جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو،
سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون،
ٻانھُون ٻيلَ نَہ لاھِيان، پُنَهلِ کي آئُون،
چَڙِهي نَہ سَگهان چوٽِيين، مارَڳُ مَٿاھُون،
ھُو جي پَھَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيا مُڪائُون،
مُون مُٺِيءَ تي مَنڊئا گُوندَرَ گِلائُون،
ھِينئَڙو ڏَندَڻَ پاڙَ جِيئَن، ڇِڪِيءَ ڇِنائُون،
ھِينئَڙو ڌاڙُھُونءَ گُلَ جِيئَن، ريھي رَتائُون،
ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرَ ڏِنائُون،
ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، تان گهورِي مَرُ آئُون،
ويندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئِيءَ سُکائُون،
پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، موٽِيَسِ جي آئُون،
ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڻِ وَڻِ واچائُون.
[ سُر حسيني، وايون، 1 ]

جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو،
گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سَڀَيئِي سَھَنداسُون،
وَٺِئو وينداسُون، مُنھُن پَنھِنجو پاڻَ سين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 1 ]
گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سَڀَيئِي سَھَنداسُون،
وَٺِئو وينداسُون، مُنھُن پَنھِنجو پاڻَ سين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 1 ]
پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ مَ ڪاپَڙِي،
گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سي تان سَھِيو سَھُ،
پُڇُ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگِلاجِ ھَلَڻَ جو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 2 ]
گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سي تان سَھِيو سَھُ،
پُڇُ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگِلاجِ ھَلَڻَ جو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 2 ]
English Meaning
Defamations, backbitings, revilings, obloquy, infamies.