ڪُنَنِ بابت
معنيٰ
دريا جي پاڻيءَ ۾ ڦرندڙ اونها هنڌ يا کوھ، درياءَ يا سمنڊ ۾ پاڻيءَ جو اونها هنڌ، جتي پاڻي چڪر کائي، نڪونج.
Whirlpools, eddies, vortexes.
بيتن ۽ وائين ۾
- آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِئا غَواصَنِ، جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ، سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ، لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان، ڪُنَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا، پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ، اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ، اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ، نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جا ڪَڙَڪا، سَھي ڪِينَ سَمُنڊَ جا، ماندِي دِلِ ڌَڙَڪا، ساھَڙَ سُڻِجِ ڪا، فَرِيادِي فَقِيرِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو، آيُمِ اُنَهِيءَ پارَ جو، دِلِ اَندَرِ ڌَڙَڪو، ڀَڃي شَڪَ سَيِّدُ چئَي، سِيرَ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- گهيڙان ڪَري نَہ گُهورَ، تَڙِ تَڪَڙِ کان نَہ لَھي جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ، اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ، سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو، پاڻِي پِنييءَ ھيٺِ، ٻَڌِئو بِرھَ بيٺِ وَڃي ڪَپِيندِي ڪُنَنِ کي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- گِهڙي ۽ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، تِلَ تَسُو توري، ڏَمَ وِڌِي ڏوري، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- لَھَرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو، اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ، ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ، اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ، ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي، چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي، ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي، اِيءُ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي، پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي، اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- مَتان گِهڙِين سُهڻِي، اَڄُ دَرياھَ ۾ دَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، ڪِھَڙو اَٿَئِي ڪَمُ، مَتان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيُون.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]