ڪُنَنِ جي سنڌي معنيٰ
دريا جي پاڻيءَ ۾ ڦرندڙ اونها هنڌ يا کوھ، درياءَ يا سمنڊ ۾ پاڻيءَ جو اونها هنڌ، جتي پاڻي چڪر کائي، نڪونج.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Whirlpools, eddies, vortexes.
ڪُنَنِ جا بيتن ۾ حوالا
آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِئا غَواصَنِ،
جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ،
سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 14 ]
جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ،
سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 14 ]
گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ،
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ،
لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان،
ڪُنَنِ جِي ڪَشوڪَشَ ۾، جُنبئا ڪي جُوانَ،
موڙي چاڙِھِيائون مَڪُڙا، ڄولي پَنھِنجا ڄاڻَ،
سُبْحَانَڪ اِنِّی اَھل العِجز من مَعْرِفَتڪ ، اِھَڙا جَنِ پَرِياڻَ،
وَڄائي وَڏاَڻ، حَيرَتَ ۾ ھَلِي وِئا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 3 ]

ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ،
اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ،
نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي تَرِن،
سِڪَ رَساڻي سُهڻِي، اَصلِ عاشِقَنِ،
سي جَهلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 38 ]

دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جا ڪَڙَڪا،
سَھي ڪِينَ سَمُنڊَ جا، ماندِي دِلِ ڌَڙَڪا،
ساھَڙَ سُڻِجِ ڪا، فَرِيادِي فَقِيرِ جِي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 10 ]
سَھي ڪِينَ سَمُنڊَ جا، ماندِي دِلِ ڌَڙَڪا،
ساھَڙَ سُڻِجِ ڪا، فَرِيادِي فَقِيرِ جِي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 10 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو،
آيُمِ اُنَهِيءَ پارَ جو، دِلِ اَندَرِ ڌَڙَڪو،
ڀَڃي شَڪَ سَيِّدُ چئَي، سِيرَ سَندو سَڙَڪو،
ڪونِهي ڪاڻِيارِيُنِ جو، تاِر بِنان تَڙُڪو،
والِي ڪِجِ وَڙُڪو، تَہ ٻارِ لنگهِيان ٻاجَهہ سين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 11 ]

گهيڙان ڪَري نَہ گُهورَ، تَڙِ تَڪَڙِ کان نَہ لَھي
جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ،
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَھمَنِ ڪِي وَھلُورَ،
جَنھِن کي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تَنھِن کي نَدِي ناھِ نِگاھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 2 ]
جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ،
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَھمَنِ ڪِي وَھلُورَ،
جَنھِن کي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تَنھِن کي نَدِي ناھِ نِگاھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 2 ]
ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ،
اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،
حَقان حَقُ ٿِيوسِ، ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 5 ]
اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،
حَقان حَقُ ٿِيوسِ، ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 5 ]
گِهڙي ۽ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، تِلَ تَسُو توري،
ڏَمَ وِڌِي ڏوري، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِهڙي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 26 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، تِلَ تَسُو توري،
ڏَمَ وِڌِي ڏوري، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِهڙي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 26 ]
نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ،
اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ،
ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 28 ]
اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ،
ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 28 ]
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي،
چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي،
ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي،
اِيءُ ڪَمُ اِلاھِي، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪِيرَ گهِڙي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 16 ]