وَھمَ بابت
معنيٰ
اجايا خيال، خيال، لَھرا، بدڪيون، ريچڪ، بُدبديون، جهجهڪيون، پور، فِڪر، سنسا، ڀرم، وسواس، شڪ ،انديشا.
Fancies, delusions, hallucinations Gestations, obsessions.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھُوءِ جٖي مَنجهان ھيجَ، وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، ٻُڪِي ڏيئِي تَنِ کي، ڪوھُ ڪَريندا ويڄَ، نَہ ڪا پِڇَ نَہ پيڄَ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ، ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ، قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- گهيڙان ڪَري نَہ گُهورَ، تَڙِ تَڪَڙِ کان نَہ لَھي جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو، وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ، خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ، ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ، مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ، آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ، وَھمَ حِيلا…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- وَھمَ وِرساياسِ، نَہ تَہ پُنهون آئُون پاڻَ ھُئِي، پاڻُ وِڃايُمِ پانھِنجو، پَئِي پِريان جي پاسِ، رَتِي عِلمَ نَہ راسِ، پَسَڻَ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- چوٿين ڏِينھِن چَوگانَ ۾، ڪَنھِن جَنھِن پَھِ پِئا، اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا، وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَرَڪُ طَمَعُ کي ڪَرِ، وَڍي وَھمَ وُجُودَ جا، خاصي ڌِيانِ ڌَرِ، ڪَنھِن پَرِ پهچين پَرِ، لِکِجين…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي، توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ، ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي،…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]