وَھمَ جي سنڌي معنيٰ
اجايا خيال، خيال، لَھرا، بدڪيون، ريچڪ، بُدبديون، جهجهڪيون، پور، فِڪر، سنسا، ڀرم، وسواس، شڪ ،انديشا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fancies, delusions, hallucinations Gestations, obsessions.
وَھمَ جا بيتن ۾ حوالا
ھُوءِ جٖي مَنجهان ھيجَ، وَھمَ پِريان جي وَڍِئا،
ٻُڪِي ڏيئِي تَنِ کي، ڪوھُ ڪَريندا ويڄَ،
نَہ ڪا پِڇَ نَہ پيڄَ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 26 ]
ٻُڪِي ڏيئِي تَنِ کي، ڪوھُ ڪَريندا ويڄَ،
نَہ ڪا پِڇَ نَہ پيڄَ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 26 ]
سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ،
ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ،
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 2 ]
ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ،
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 2 ]
ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ،
خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،
اَندَرِ آئينو ڪَري، پِرِين سو پَسيجِ،
اِنَهِيءَ راھَ رَميجِ، تَہ مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 13 ]

سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ،
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ،
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]
وَھمَ وِرساياسِ، نَہ تَہ پُنهون آئُون پاڻَ ھُئِي،
پاڻُ وِڃايُمِ پانھِنجو، پَئِي پِريان جي پاسِ،
رَتِي عِلمَ نَہ راسِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 8 ]
پاڻُ وِڃايُمِ پانھِنجو، پَئِي پِريان جي پاسِ،
رَتِي عِلمَ نَہ راسِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 8 ]
چوٿين ڏِينھِن چَوگانَ ۾، ڪَنھِن جَنھِن پَھِ پِئا،
اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا،
وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾ ڪُوڙُ ڪِئا،
سامِي سونُ ٿِئا، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 4 ]
اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا،
وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾ ڪُوڙُ ڪِئا،
سامِي سونُ ٿِئا، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 4 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَرَڪُ طَمَعُ کي ڪَرِ،
وَڍي وَھمَ وُجُودَ جا، خاصي ڌِيانِ ڌَرِ،
ڪَنھِن پَرِ پهچين پَرِ، لِکِجين لاھُوتَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 10 ]
وَڍي وَھمَ وُجُودَ جا، خاصي ڌِيانِ ڌَرِ،
ڪَنھِن پَرِ پهچين پَرِ، لِکِجين لاھُوتَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 10 ]
ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي،
توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ،
ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي، سَھِسين ڀَتين سِينگارُ،
وَھمَ لَھي وينجهارُ، دِلِيُون پَرَکي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 20 ]