مورَ بابت
معنيٰ
پکيءَ جو هڪ قسم، طائوس، ڪارايل، مَجورُ، مُرلا.
Peacocks.

بيتن ۽ وائين ۾
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏِئو پَٽولي لانگَ، سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ، ڪانڌِي ٿِيندَسِ ڪانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- راڻي رَنجُ لَکايو، ھِتان وَڃِي ھُتِ، ميڙِ مُنجان ٿِي مَينڌَرا، ڀُوڻِ اَواھِنجي ڀُتِ، اِيءَ نَہ رُسَڻَ رُتِ، اَڃا مَحَبتَ مورَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- لائِي جَا وِڙَنِ کي، سا ڪانڌَ مُنھِنجي ڪورَ، ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِي تازَڙِي ڦُلَنِ ڦورَ، اَچَنِ پِرِين پَٻَکِئا، ڪَرَ ٻاٻِيھو…[ سُر ڏھر - وايون ]
- اُٺي جِيئَن مورَنِ، اوڀَڙَ وَلَهارَنِ ۾، سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُھ ڦوڙايو سَڄَڻين.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- جِھَڙِي سِڄَ ڪَڪورَ، تِھَڙِي مي اَکِيُنِ ۾، ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ، تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ رَھِئو ھِڪِڙو، وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ھَنجَ نَہ قَيدِ ڪِجَنِ، مورَ نَہ وِجِهجَنِ پِڃِري، سارِي راتِ سَيِّدُ چَي، لاتِيُون جي لَنوَنِ، واھيري نَہ وِھَنِ، سَدا جُهڻِڪَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- وِھُ ھَٿين وِھُ پيرين، وِھُ پُڻ تَنِي واتِ، ڪا ڪا ڪارِي ذاتِ، مورَنِ مَٽي ڇَڏِي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- ڪَنھِن ڪَنھِن ڪارِيءَ ذاتِ کي، مورَ پِہ مَٽائِينِ، جي چَتُرِئا چَڱِي ڪَري، تَہ وَڳَ وَرائي ڏِينِ، ساٿَ سَمُورا نِينِ، جَي…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- سَرَ ۾ سانجِهيءَ وارَ، مورَنِ مانڊاڻا ڪِئا، سَٽُون ڏِينِ سَپَنِ کي، ڪارايَلَ ڪَنڌارَ، ماري نانگَ اَپارَ، وِھُ پِيتائُون وٽِيين.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]