ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو
تصويرون
مورڙي جي مزار |
مورڙي جي ڀائرن جون قبرون |
| قبرستان جو ڊجيٽل نقشو |
|---|
ڪراچيء ۾ گل ٻائي لڳ مورڙي جي ڀيڻ ۽ ڀائرن جون قبرون آھن ، انھن ڇھن گهاتوئن ۽ سندن ڀيڻ ”سيرئين“ جون قبرون ست سئو سال پراڻيون آھن. مورڙي جو واقعو سومرن واري دور جو آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ ھيڻائي جي باوجود ڏاھپ ۽ سورهيائي جي علامت بڻجي جيئرو رهندڙ ڪردار مورڙي مير بحر جي ڀيڻ ۽ ڇھن ڀائرن جي قبرن کي بلڊوز ڪري ڊاھڻ ھڪ سازش جي ڪڙي آھي. سنڌ جا ثقافتي ورثا ڪن ڌرين کي اکين ۾ ڪنڊي جيئن چڀي رهيا آھن. ڇاڪاڻ تہ سنڌي ڏهه ھزار سال پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا مالڪ آھن ۽ ھي ورثا سنڌين جي مالڪيءَ جون شاھديون آھن. انھن شاھدين کي مٽائڻ معنيٰ ڪراچي تان سنڌين جي تاريخي حق مالڪي کي ختم ڪرڻ آھي ۽ سنڌين کي اھو بہ ٻڌائڻ چاھين ٿا تہ ست سئو سال اڳ جنھن شاھي مڇ انھن گهاتوئن کي ڳڙڪايو ھو. مورڙي پنھنجي ڏاھپ ۽ سورهيائي سان ان مڇ جي وجود کي ختم ڪري ھڪ مثال قائم ڪيو ھو ۽ اڄ ڪجهہ ڌريون انھيءَ مڇ جا وارث بڻجي نروار ٿيا آھن ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي پوري وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن ۽ مڇ مارڻ جو بدلو سنڌين کان وٺي رهيا آھن.
ورهاڱي کانپوءِ ھر انھيءَ شيءِ، ماڳ ۽ تاريخي جاءِ کي تباھ ڪيو ويو جيڪي سنڌ جا تاريخي ورثا ھئا. جن سان سنڌي پنھنجي تاريخي ۽ علائقي جي قدامت جو اندازو لڳائي پئي سگهيا. انھن جي سار سنڀال تہ ٺھيو پر انھن کي ميساري ختم ڪيو پيو وڃي. انھن ماڳن، عمارتن ۽ تاريخ نشانن کي سنڀالڻ وارن ادارن جا اڳواڻ اھي ماڻهو آھن، جن جي اسان جي تاريخ ۽ ثقافت سان نہ ربيع، نہ خريف.
مورڙو اڄ بہ علامت آھي استحصالي قوتن جي خلاف مھاڏي اٽڪائڻ جو ۽ اھي استحصالي قوتون سنڌ جي تباھيءَ لاءِ اڄ بہ سرگرم آھن. اسان کي مورڙي واري واٽ تي ھلي ڏاھپ سان انھن جو مقابلو ڪرڻو آھي. جيئن مورڙي سون مياڻي کان رتو ڪوٽ تائين سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري مڇ خلاف جدوجھد ڪري ھن کي ختم ڪيو. اھڙي ٻڌي جي اڄ سخت ضرورت آھي.
مورڙي واري قصي جي تاريخ بابت ڪنھن تصديق ٿيل دور جو ذڪر ڪونھي، ھن قصي جو دور بہ راجا دلو راءِ جو دور ڄاڻايو ويو آھي. قياس آھي تہ راجا دلو راءِ، عربن جي آخري ۽ سومرن جي شروع واري دور ۾ سنڌ جي لاڙ واري حصي جو حڪمران ھو. راجا دلوراءِ جي گادي واري ھنڌ لاءِ ٻہ رايا آھن. ھڪ رايو اھو آھي ته، ڦٽي ڪريڪ وٽ رتوڪوٽ وارو ھنڌ دلوراءِ جي گادي جو ھنڌ ھو. ٻيو رايو اھو آھي تہ ھاڻوڪي باٿ آئي لينڊ وارو علائقو جيڪو گسري بندر کي ويجهو ھو ان جاءِ تي ھو. 1859ع تائين ھتي ھڪ پراڻي شھر جا آثار موجود ھئا جيڪي پڻ حڪمرانن جي بي حسي جو شڪار ٿي ختم ٿي ويا.
سنڌ تي غزنوي 1026ع تي اقتدار ۾ آيا. اھي عربن جي ھٿ ھيٺ ھئا، سومرن سنڌ تي 1053ع تي حڪمراني حاصل ڪئي. انھيءَ حساب سان جيڪڏھن دلو راءِ سومرن جي شروعاتي دور ۾ لاڙ جي حصي ۾ حڪمران ھو تہ پوءِ اھو واقعو 1053ع کانپوءِ جو آھي. سومرن واري دور ۾ سگهڙن جي بيتن ۾ مورڙي ميربحر جي قصي جو ذڪر ملي ٿو. چوڏهين ۽ پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ان واقعي بابت تمام گهڻا بيت ملن ٿا. ارڙهين صدي ھجري ۾ شاعرن جي سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي سرگهاتو ۾ ان داستان کي بيان ڪري امر ڪري ڇڏيو.
ڪالهہ ڪلاچيءَ ويا ڇَتيُون کڻي ڇُڳير،
ڀائرن ڀيرو نہ ڪيو، ادن ڪئي اوير،
اھڙي خاصي کير، ڪن ورائي جهليي،
ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، جو گهڙي سونئي،
خبر ڪون ڏئي، تہ رڇ ڪُڄاڙي رنڊيا؟
ان قصي جي باري ۾ جلال کٽي جي ڀاءُ امين کٽي جيڪو ڪلھوڙن جي دور جو مشھور سگهڙ ھو ان جا وڌيڪ بيت ملن ٿا. قصو مختصر ائين آھي تہ ٻاچو ۽ ٻاراچ جيڪي ٻئي ڀائر ھئا. رتو ڪوٽ واري علائقي کان حب تائين سامونڊي علائقي ۾ مزدوري ڪندا ھئا ۽ وجهه ملڻ تي چوريون بہ ڪري وٺندا ھئا. اھي لاڏائو ماڻهو ھڪ ھنڌ ويهي نہ سگهندا ھئا. جڏهن انھن جي شادي ٿي تہ انھن پنھنجو ڌيان مزدوريءَ ڏانھن ڪيو. ھڪ بي روايت آھي جيڪا علي ملاح مرحوم ابراھيم حيدري واري سان منسوب آھي. اھا بہ احمد ناکئي ٻڌائي ھئي. جيڪا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب ”مورڙو ۽ مانگر مڇ“ ۾ بہ ڏنل آھر ته، ٻاچو ۽ ٻاراچ اصل ڪڇ واري علائقي ”گنڊا سنگ“ جا، رهواسي ھئا. جواني ۾ اھي سنڌ ۾ آيا ۽ حب نديءَ جي لڳ سوناريءَ جي جبل وٽ اچي رهيا. گنڊا سنگ جو شھر ۽ ڪوٽ جا ڪڇ ۾ سيارڙيءَ جي کاريءَ لڳ آثار موجود آھن.
ٻاراچ سون نالي عورت سان شادي ڪئي تنھن مان اوڀايو پيدا ٿيو. ٻاچو کي ڪو اولاد نہ ٿيو.
چيو وڃي تہ سون مياڻي بہ اوڀائي جي ماءُ ۽ ٻاراچ جي گهرواريءَ ”سون“ جي ڪري سون مياڻي بڻي. ٻي روايت ھي آھي ٻاراچ گنڊا سنگ ۾ ئي شادي ڪئي. جنھن جو نالو ”سوناري“ ھو شادي کانپوءِ اھي اچي حب جي ڪپ تي ھڪ جبل تي رهڻ لڳا ۽ انھيءَ جبل جو نالو ”ٻاراچ“ پنھنجي گهرواري پويان ”سوناري“ رکيو. جيڪو اڄ بہ انھيءَ نالي سان آھي. اوڀائي ٻہ شاديون ڪيون، پھرئين گهر واريءَ مان ڇھ پٽ ٿيس. ٻي گهرواريءَ مان ھڪ ڌيءَ ”سيرئين“ ۽ ھڪ پٽ ”مورڙو“ پيدا ٿيو. مورڙو پيدائشي منڊو ھو. ھيٺ مير ٻگهئي جو ليکل بيت ڏجي ٿو.
وير ويهاريائون وچ ۾، ٿيو سھاڳي سو
ڇھ پٽ پھرئينءَ مان، ٻي جا پرڻيو پوءِ
تنھن مان مانجهي مورڙو، پر ڏر ڄائو پوءِ
لوڪ مڙيو ٿي چوءِ تہ اٺين ڀيڻ ”سيرهين.“
اولادن کي پرڻائڻ کانپوءِ اوڀائي سمنڊ تي ڳوٺ جو نالو پنھنجي ماءُ جي نالي پٺيان سون مياڻي رکيائين. اوڀايو مھاڻن جو چڱو مڙس بڻجي ويو. ڇاڪاڻ تہ اوڀائي مھانن تي ڳرن محصولن خلاف جدوجھد ڪئي ۽ مھاڻن جي ايڪتا سان راجا دلو راءِ جي ڪوٽار (محصول وصول ڪرڻ وارو) خلاف جنگ جوٽي. مجبور ٿي راجا دلوراءِ کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻي پئي. مورڙي جي ڀائرن مڇي جي ڪاروبار کي معمول موجب ڪري ورتو. مورڙو معذور ھئڻ ڪري گهر ۾ رهندو ھو. ھو مھمانن جو خيال رکندو ھو. جنھن جي ڪري ھو سخي مورڙو مشھور ٿيو. سمنڊ کان ھميشه پري رهندو ھو.
”پاڻي سندي پر، مور نہ سکيو مورڙو.“
مورڙي جي ڀائرن جي نالن تي اختلاف آھن. مختلف سگهڙن ڇھن ڀائرن جا نالا ڄاڻايا آھن. جن مان ڪجهہ نالا مختلف آھن ڀيڻ جو نالو گهڻن سگهڙن ”سيرئين“ ۽ ڪجهہ سگهڙن ”جمڙي“ ڄاڻايو آھي.
امين کٽي پنھنجن بيتن ۾ ڇھن ڀائرن جا جيڪي نالا ڏنا آھن سي ھن طرح آھن، 1. پنيهر 2. اڱارو 3. مانجهندو 4. لالو 5. سانئل 6. ھنجهہ ڪراڙو
مير ٻگهئي جي بيت ۾ ھيٺيان نالا اچن ٿا.
”پڙهيار“، ”اڱارو“ ٻہ، ڄڻا ٽيو ”مانجهاندو“ ساڻ،
چوٿون ”للو“ لاڏلو، پنجون سانئر ڄاڻ
ڇھون ھنجهہ ڪراڙو ھٺ جو ستون ”مور“ سڃاڻ.
پوءِ سوجهي سون مياڻ، راڄ ٻڌائون پانھنجو.
مير ٻگهئي ۽ امين کٽي جي نالن ۾ فقط پنيهر ۽ پڙهيار جو نالو ڪجهہ مختلف آھي باقي سڀ ساڳيا نالا آھن ۽ ڀيڻ جو نالو بہ مير ٻگهئي ”سيرئين“ ڄاڻايو آھي.
محمود سگهڙ موجب، پنھير، اڱارو، مانجھادو، لال بھار، ھنجهہ ڪراڙو جو نالو جمڙي آھي.
علي ملاح ابراھيم حيدري واري اڱاري، کانسواءِ سمورا نالا جن ۾ سينھڙو، محمود، صالح، عيسب، يعقوب سڀ ٻيا نالا ڄاڻايا آھن، ان پڻ ڀيڻ جو نالو ”سيرئين“ ئي ڄاڻايو آھي.
فقير امين چارڻ پنھنجن بيتن ۾، پڙهيل، اڱارو، مانجھاندو، لالو، سائنر، ھنجهه ڪراڙو ۽ ڀيڻ جو نالو جمڙي ڄاڻايو آھي. انھن سگهڙن ۽ روايتن ۾ جيڪي نالا گهڻو ڪري ڏنا ويا آھن. ان مطابق مورڙي ميربحر جي ڀائرن جا نالا ھيٺيان ٿي سگهن ٿا. 1. اڱارو 2. ھنجهہ ڪراڙو 3. لکو يا للو 4. پنيهر/پنھيار 5. سانئر/سائنل 6. مانجھاندو ۽ ڀيڻ جو نالو سيرئين اھي نالا وڌ سگهڙن جي بيتن ۾ ملن ٿا. مورڙي جو نالو سڀني سگهڙن اھو ئي ڏنو آھي.
مورڙي جي ڀائرن کي ڪلاچي جي ڪن ۾ جنھن جانور ڳڙڪايو ھو ان تي بہ اختلاف آھي. مشھور اھا ڳالهہ ٿي اھو واڳون ھيو. سوچڻ جي ڳالهہ اھا آھي تہ واڳونءَ جي پيٽ ۾ ڇھن انسانن جا لاش ڪيئن ٿا سمائجي سگهن؟ جنھن جي ڪري اھو ممڪن ئي ڪونھي تہ ڪلاچي جي ڪن ۾ مورڙي جي ڀائرن کي واڳون ڳڙڪايو ھوندو.
مڇ جي ذڪر ڪري گهڻن لکندڙن جو ڌيان مگر مڇ ڏانھن ويو. مڇ معنيٰ شاھي مڇي جيڪا اصل ۾ وھيل مڇي (شارڪ) ھئي جنھن مورڙي جي ڇھن ڀائرن کي ڳڙڪايو. مرحوم احمد ناکئي ابراھيم حيدري واري سان جڏهن مون ڪچھري ڪئي تہ ھن ڄاڻايو تہ اھو شاھي ڪڇئون ھو. امين کٽي سگهڙ بہ پنھنجي بيت ۾ ڪڇئون جو ذڪر ڪيو آھي.
ڪڇئون مارين ڪن ۾ رات مٿان پيئي
اوليون اجهڻ لڳيون تہ ويئڙن واجهہ وھي
ڪلاچيئون ڪھي، ماري مڇ نہ موٽيا.
ڪلاچي جي ڪن ۾ رهندڙ وھيل مڇي جو ڏهڪاءُ دڙٻي، سون مياڻي ۽ سامونڊي علائقن تائين ڦھليل ھو، جنھن جي ڪري مھاڻا مڇي مارڻ لاءِ اوڏانھن نہ ويندا ھئا. ڪلاچي جو ڪن لياري نئين جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ھو. ڏهڪاءُ جي باوجود ھڪ ڏينھن مورڙي جي ڀائرن مڇي مارڻ لاءِ وڃي ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ رڇ وڌو. جيڪو مڇ ورائي کڻي پنھنجي وات ۾ ڪيو. واري واري سان ڇھ ئي ڀائر لٿا ۽ شارڪ جو شڪار ٿي ويا.
رات ٿي ويئي صبح ٿيو مورڙي جا ڀائر نہ موٽيا تہ اوڀايو پريشان ٿيو. سيرئين کي ڀائرن جي نہ موٽڻ جي ڪري پوري رات ننڊ نہ آئي ۽ ٻئي ڏينھن ڳولا شروع ڪئي ويئي تہ انھن جا ھوڙا ڪلاچي واري ڪن جي ڪناري تي مليا. جڏهن اھا خبر سون مياڻي پھتي تہ ماتم مچي ويو. سوين مھاڻا ٻيڙيون ڪاھي اچي ڪلاچي ڪن ڀيڙا ٿيا. مورڙو ان وقت راجا دلوراءِ جي درٻار ۾ ھو، ڇاڪاڻ تہ مورڙو پنھنجي ڀاڄاين جي مھڻن کان بيزار ٿي راجا دلو راءِ جي درٻار ۾ اچي رهڻ لڳو ھو.
ڏيريائين جي ڏينھاڻي ٿي ڪاڻ بہ ڪڍيائين.
طعنا مھڻا تن جا، ٿي سوين سٺائين.
(سگهڙ ولي محمد)
اوڀائي مورڙي ڏانھن ماڻهو موڪليو ۽ مورڙو بہ ڪلاچي جي ڪن پھچي ويو.
ملاحين ڪيا منھن رتڙا، ڪٽي ڪانڌن لاءِ
مھاڻيون رهيون ماتام ۾ سوڙهي ھي ھڪ بہ جاءِ
ماڻهو منجهہ مورڙي ڏي وڃي سڏ سائيس ساءِ
ڀڙا تنھنجا ڀاءِ، ڪچئون ماريا ڪن ۾.
(امين کٽي)
راجا دلوراءِ بہ ڪلاچي جي ڪن پھچي ويو. اوڀائي مورڙي کي وير وٺڻ لاءِ چيو. مورڙو ھڪ تہ منڊو ٻيو پاڻي جو گهيڙو نہ ھو، پر ڏاھپ ۾ ڀڙ ھو. مورڙي وير وٺڻ جو فيصلو ڪيو. سانوڻي مند ۾ سمنڊ ۾ طوفان ھو. مورڙي دلو راءِ کان مدد گهُري. راجا ھر طرح جي مدد جو وعدو ڪيو.
تجربيڪار ۽ ڀڙ لوھار مورڙي جي ھدايتن تي لوھي نوڪدار پڃرو ٺاھڻ ۾ جنبي ويا. پڃري جي چوڌاري تيز ڌار وارا ڪات لڳايا ويا. ڪم نھايت تيزي سان جاري ھو. مورڙو عھد ڪري چڪو ھو ته، ھو مڇ کي ماري ڀائرن جو وير وٺندو ۽ ڪلاچي جي آس پاس مھاڻن تي مڇ جو جيڪو ڏهڪاءُ ويٺل آھي اھو ختم ڪندو. مورڙي پنچ سئو تازيون ويائل گهوڙيون، ڦرن سميت آنديون. ڪتن جي لوڌ بہ گهرايائين. لوھي پڃرو کڻي مورڙو ڪن ڏانھن روانو ٿيو. مضبوط رسن ۽ زنجيرن سان لو ھي پڃري کي ٻڌائين. انھن رسن جو ٻيو ڇيڙو سانن ۽ گهوڙين جي ڳچين ۾ ٻڌائين اھو سڀ بندوبست ڪري ماڻهن کي چيائين، ”آئون اندر ويندس جڏهن زنجيرن ۽ رسن کي لوڏو اچي تہ گهوڙين جي ڦرن پٺيان ڪتن جي بڇ ڪجو ۽ سانن جي پٺيءَ تي تيل ھارائي اماڙيون انھن تي اڇلائجو.“
لوھي پڃري ۾ ويهڻ کانپوءِ ماڻهن ان کي ڪن ۾ لاٿو. مڇ لوھي پڃرو ڏسي وات ڦاڙيو جنھن جي ڪري لوھي پڃري سان جڙيل ڪاتن ان کي زخمي ڪيو ۽ رهيل ڪسر مورڙي جي ھٿيارن پوري ڪئي. مورڙي مسلسل ان تي خنجر جا وار ڪيا. پڃري اندر ھئڻ ڪري مورڙو محفوظ ھو. پڃري جا لوھي ڪات جيئن مڇ جي وات ۾ ڦاسي پيا تہ مورڙي زنجيرن کي لوڏو ڏنو. ٻاھر بيٺل سوين ماڻهو تيار ھئا. اشارو ملندي ئي انھن مورڙي جي ھدايتن تي عمل ڪيو. سانن جي پٺي تي ھاريل تيل تي اماڙيون اڇلايون ۽ ٻين وري گهوڙين جي ڦرن جي ڪڍ ڪتا لاٿا. ڦرن جي ڀڄڻ سان گهوڙيون انھن جي ڪڍ لڳيون. ائين لوھي پڃرو مڇ ۽ مورڙي سميت ٻاھر اچي ويو. واھ واھ ٿي ويئي. مڇ جو پيٽ چيري مورڙي جي ڇھن ڀائرن جا لاش ڪڍيا ويا ۽ انھن کي ڪن جي ويجهو دفن ڪيو ويو. پوءِ مورڙو موٽي سون مياڻي ويو.
مورڙي جي دل ھتي نہ لڳي. مورڙو موٽي دڙٻي ۽ ڪلاچي ڪن لڳ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ باقي ڏينھن ڪلاچي جي ڪن لڳ پنھنجي ڀائرن جي قبرن وٽ گذاريائين. سيرئين کي بہ وفات کانپوءِِ ڀائرن لڳ دفن ڪيو ويو. مورڙي جي قبر ٿورو پري مسرور بيس ڪئمپ ۾ ھڪ ننڍي ٽڪري تي آھي. جتي وڃڻ جي اجازت آھي پر فوٽو ڪڍڻ سان پاڪستان جي سالميت کي خطرو پئجي سگهي ٿو جنھن جي ڪري ان جي منع ٿيل آھي. گل ٻائي ۽ شير شاھ لڳ، پراڻو قبرستان اڄ بہ ”مورڙي جو قبرستان“ جي نالي سان موجود آھي، جيڪو ڪراچيءَ جو قديم ترين قبرستان آھي. شير شاھ جو پراڻو نالو بہ مورڙو مير بحر ڳوٺ ھو. شير شاھ جي دفن کانپوءِ اھو پورو علائقو شير شاھ ڪري مشھور ٿيو. بدين ۾ ھڪ ديھ جو نالو مورڙو جاگير آھي. مورڙو سنڌي لغات موجب نئون ۽ تازو پن يا سلو جيڪو ندي جي ڪناري ڦٽي ٿو. ھن کي چيو ويندو آھي.
نہ ڪا بوءِ بازار ۾، نہ ڪا ڇِلرَ ڇَٽَ
جتي ڏنڀَرينَ جي، اڳي ھئي اُگهٽَ
سي پِڙَ پسيو پَٽَ، ماڙهو وڃن موٽِيا.

