مورَ جي سنڌي معنيٰ
پکيءَ جو هڪ قسم، طائوس، ڪارايل، مَجورُ، مُرلا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Peacocks.
مورَ جا بيتن ۾ حوالا
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏِئو پَٽولي لانگَ،
سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ،
ڪانڌِي ٿِيندَسِ ڪانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 16 ]
سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ،
ڪانڌِي ٿِيندَسِ ڪانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 16 ]
راڻي رَنجُ لَکايو، ھِتان وَڃِي ھُتِ،
ميڙِ مُنجان ٿِي مَينڌَرا، ڀُوڻِ اَواھِنجي ڀُتِ،
اِيءَ نَہ رُسَڻَ رُتِ، اَڃا مَحَبتَ مورَ مَسَ ڪِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 21 ]
ميڙِ مُنجان ٿِي مَينڌَرا، ڀُوڻِ اَواھِنجي ڀُتِ،
اِيءَ نَہ رُسَڻَ رُتِ، اَڃا مَحَبتَ مورَ مَسَ ڪِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 21 ]
جِھَڙِي سِڄَ ڪَڪورَ، تِھَڙِي مي اَکِيُنِ ۾،
ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ،
تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 2 ]
ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ،
تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 2 ]
وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ رَھِئو ھِڪِڙو،
وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 8 ]
وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 8 ]
ھَنجَ نَہ قَيدِ ڪِجَنِ، مورَ نَہ وِجِهجَنِ پِڃِري،
سارِي راتِ سَيِّدُ چَي، لاتِيُون جي لَنوَنِ،
واھيري نَہ وِھَنِ، سَدا جُهڻِڪَنِ جَهنگَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 38 ]
سارِي راتِ سَيِّدُ چَي، لاتِيُون جي لَنوَنِ،
واھيري نَہ وِھَنِ، سَدا جُهڻِڪَنِ جَهنگَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 38 ]
لائِي جَا وِڙَنِ کي، سا ڪانڌَ مُنھِنجي ڪورَ،
ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِي تازَڙِي ڦُلَنِ ڦورَ،
اَچَنِ پِرِين پَٻَکِئا، ڪَرَ ٻاٻِيھو جِيئَن مورَ،
سيڻين سِرکَنڊُ سَپَجي، ٻِئو عَطُرَ پِرِين اَتورَ،
ماءِ مارِيندَمِ ڪَڏِھِين، آرِياڻِيءَ جا ھورَ.
[ سُر ڏھر، وايون، 1 ]

ڪَنھِن ڪَنھِن ڪارِيءَ ذاتِ کي، مورَ پِہ مَٽائِينِ،
جي چَتُرِئا چَڱِي ڪَري، تَہ وَڳَ وَرائي ڏِينِ،
ساٿَ سَمُورا نِينِ، جَي مَٺِي ڀانئِين موٽِئا.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 6 ]
جي چَتُرِئا چَڱِي ڪَري، تَہ وَڳَ وَرائي ڏِينِ،
ساٿَ سَمُورا نِينِ، جَي مَٺِي ڀانئِين موٽِئا.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 6 ]
English Meaning
Peacocks.