مُورُ جي سنڌي معنيٰ
اصل، هرگز، مُورهين، مُوراهين، پَٽيءَ، تمام، بلڪل، بِنهہ، هڏ، ڪڏهين بہ، ماڳھين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Completely, wholly, in the least, at all.
مُورُ جا بيتن ۾ حوالا
تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَھَدَ اللهَ جا،
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائِين چُورُ،
مَعلُومُ اَٿيئِي مُورُ ڳُوڙھا اِنَهِيءَ ڳالِهہ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 7 ]
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائِين چُورُ،
مَعلُومُ اَٿيئِي مُورُ ڳُوڙھا اِنَهِيءَ ڳالِهہ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 7 ]
وَکَرُ وِھايُئِي لُوڻُ، ٿو رُنگَ کَٿُورِيءَ گُهرين،
ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ،
جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو رَسِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 8 ]
ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ،
جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو رَسِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 8 ]
جِيءُ مَڱڻَھارَ مَ ھوءِ، جِيئَن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪِئو،
جَو مُون مُورُ نَہ سَپَجي، تان جي سو گهُرِيوءِ،
تَہ جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ھُوندَ ڏُونگهو ڏاتارَنِ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 14 ]
جَو مُون مُورُ نَہ سَپَجي، تان جي سو گهُرِيوءِ،
تَہ جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ھُوندَ ڏُونگهو ڏاتارَنِ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 14 ]
پائي پَٽِ ڪَڻا، تان مُون مُورُ نَہ مَڱِئو،
تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا،
ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ ھَڻان،
جا مَٿي تو مَڻا، تَنھِن آئُون سِرَ جو آيُسِ سيڪِڙُو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 4 ]
تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا،
ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ ھَڻان،
جا مَٿي تو مَڻا، تَنھِن آئُون سِرَ جو آيُسِ سيڪِڙُو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 4 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ سِڱِيُون سيلِهيُون ڇَڏِ،
دُونھِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ،
سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ نِڱِئو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 4 ]
دُونھِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ،
سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ نِڱِئو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 4 ]
English Meaning
Completely, wholly, in the least, at all.