ماڻِڪُ بابت
معنيٰ
موتي، مڻيو، گوهر. جواهر جو هڪ قسم، رتن، لال، لعل، ياقوت. هيرو.
Name of a gem, ruby.

بيتن ۽ وائين ۾
- ماڻِڪُ مُنڌَ ھَٿان، پيتِيءَ ۾ پُرزا ٿِئو، سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا، ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي ڀَڳو تان نِيلُنِ، ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ، سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- پِيو مَنجِهہ ڦُلِهِيارَ، ماڻِڪُ ميرو نَہ ٿِئي، لالِي تَنھِن نَہ لَھي سارِي سَڀَ ڄَمارَ، وِلِها جٖي وِينجهارَ، ڪَچُ ڪَمائِين ڪِينَ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ، جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ، ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ، جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ، جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِين جَوھَرِي، ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ، تَہ سَندُسِ سَيِّدُ چئَي، ڪِھَڙو قَدُرُ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو، حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ، ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- طَمَعَ جِي تَنوارَ، مَٿان ڪَرِيين مَڱڻا، ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪُ ڏيئِي مُٺِ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبُرَ آساروسِ، ٻاڙو پِيي نَہ ٻِپُڙِي، مِٺو مُنھِن لَڳوسِ، ماڻِڪُ تي مِڙِيوس، جِيئَن تَنگُ ڪَڍِيائِين تارِ ۾.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- کُوءِ سَمِيُون ٻَنِ سُومَرِيُون، جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ، وَرُ سي ڪِينجُهرَ ڄايُون، جَنِ تَماچِيءَ جِي تاتِ، راڻنِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]