دوسِتُ بابت
معنيٰ
سنگتي، يار ، مِتر ، ساٿي، سڄڻ، حبيب، خيرخواھ، غمخوار، پيار ڪندڙ، چاھيندڙ، مُحِب، محبوب، صَنم، پِرِيتم، معشوق، آشنا.
Friend, beloved
بيتن ۽ وائين ۾
- ويڄَنِ ويٺيئي، دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾، ڪَلَ ڪَرِين پيئِي، پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عَجِيبَ جي.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري، ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- سَڀَيئِي سارِي سَسُئِي، گهَرَ ڪُنڊوُن تُون گهورِ، وَڃِي ڏورِ مَ ڏورِ، دَران مَنجِهہ دوسِتُ ٿِئو.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرِچِي تان نَہ وِھي، لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پَھَڻنِ مَنجِهہ پِھي، سَندي نِينھَن نِھي، ڪِي سَرفِرازَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڄُ پُڻ جُڙِئَمِ جوڙَ، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ، جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- طالِعُ اَڄُ وَرِئو، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، چِڪِئا چاڪَ چَڱا ٿِئا، جَنِ ٿي ڪالَهہ ڪُرِئو، آڻي اَڻَ تُرِئو، دوسِتَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان تُون مَ لَکاءِ، دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ، ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- سي ڪاپائِتِيُون ڪِيئَن، ھارُ جَنِي جي ھَٿِ، ڏِنِيَئِي نَہ ڏُوڻَ ڏُجاڻِيين، پِشيمانِيءَ جِي پَتِ، مُٺِي مُوڙِھِيَئِي مَتِ، جِيئَن دوسِتُ وِڃايُئِي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو، پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي، دوسِتُ نِئائُون…[ سُر ليلا - وايون ]
- اَکِيُون عَلَي الصَبّاحَ، دوسِتُ ديکَڻَ آيُون، اُڀِيَندي اَرداسَ ۾، ٻِي نَہ ڪَندِيُون ڪا، رَچَندِيُون ريءَ پاھِ، پَرَچَندِيُون پِرِيَنِ سين.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]