توڻي بابت
معنيٰ
جيتوڻيڪ، جيستائين، ايتري قدر جو. اگرچه، انهيءَ هوندي بہ جو.
Even, though, although, till, up to, until.
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو، ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ، لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڏاتِ، جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ، اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي، پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ، ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- جَبَلُ ماري جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کي، توڻي لَڪَنِ لَکَ، تَہ سَڀَ لَنگَهندِيَسِ سِڪَ سين.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- مُون توکي پَرنِئا، اللهَ اوٺِي ۽ اُٺَ، ڏيرَنِ ڪِينَ ڏُکوئِي، مُنڌَ مَيَنِ جِي مُٺَ، توڻي وَڃَنِ رُٺَ، توءِ تَرَٽَ مَ…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا جَتَنِ، ڪاجاوا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئا جالَ جَتَنِ، گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ، ٻَڌا ڏورِيءَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- توڻي مُون نَہ سَنڀالَ، توءِ سارِيان تَنِ کي، ڪا جَا ڪِيائُون ڳالِهہ، جَنھِن مُنھِنجو چِتُ چَرِئو ڪِئو.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان، زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، وَسان ٿِي وِياسِ، پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ، توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- توڻي تَتو توءِ، مُنڌَ وِرچي نَہ وِھي، رائي رَتو روءِ، اَپارِي اوٺِيَنِ لاءِ.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين، ھِيئَن نَہ مُناسِبُ ھوءِ، لائي چِتُ چَرِئَو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِئين پوءِ، توڻي حُبَ نَہ ھوءِ،…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- مُنھِنجِي مَحبُوبَنِ، ڪَچِي ڪِئَڙِي ڪا نَہ ڪا، توڻي اَگَلِي آھِيان، تان پِي سَندي تَنِ، جا مُون ڏيئِي جَنِ، مُنھِنجُون ڍِلِيُون…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- توڻي ڏيِين ڏُھاڳُ، تَہ سَؤُ سُھاڳَنِ ڀانيان، مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سَڀاڳُ، دوسِتَ تُنھِنجو داڳُ، ڌُئان ڌوتو نَہ لَھي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- کَٿورِي چَئِين پَلَئين، توءِ ڏُھاڳِڻِ ھوءِ، تَہ پُڻ سُھاڳڻِ اَڳِري، توڻي مُنھُن نَہ ڌوءِ.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ مُون کي ڪوٺِيين، تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ، گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- آيَلِ سَنگهارَنِ سين، جيڪا گهاري ماءِ، توڻي ھوءِ اَوڳُڻِي، تَہ بِہ رُکو مُورِ نَہ کاءِ.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- توڻي تُون ڪاتارِ جِمَ ھيڪَلِي ڀيرِيين، ڏِٺِي ڪا ڏُئارِ، صَرافَ تُنھِنجي سُٽَ ۾.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- توڻي تُون وَڏِي ٿِي، تَہ اُٿِي آتَڻِ آءُ، ٿِيءُ ڀيڙِي ڀيرَمَ وارِيين، ٻِي ھَڏِ ڪَرِ مَ ڪاءِ، تَہ صَرافُ تو…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ اَرٽَ اولاڻي ڇَڏِئا، مَٿي مُونَنِ ھَٿَڙا، اَکِيُون ڏانھَن پِرِيَنِ، توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ نَہ ڪانڌُ اُنِ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- چَرَکو پَنھِنجي چِتَ ۾، ڀَيءَ ڀيرِيو جَنِ، توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ بِہ ڪانڌُ اُنِ جو ڪوڏِئو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سُڃو جَي ساڻيھُ، تَہ پِہ وَھِينِئان وِتَرو، گهورِئو سو پَرَڏيھُ، توڻي ڦُلَنِ ڇانيو.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]