اَسِي بابت
معنيٰ
هڪ عدد 80 ، چار ويھون.
Eighty.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٿَرَ جَبَلَ رِڻَ روھَ، مَيي سَڀَ مَناڙِئا، اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چورُ اُڀو اِيئَن چوءِ، آئُون اُھوئِي آھِيان، جَي اَسِي اَکِيُنِ ھوءِ، تَہ لِڪي کي ڪو نَہ لَھي.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪُوفِيُنِ خَطُ لِکِئو، وِچِ وِجِهي اللهُ، اَسِين تائِبُ تُنھِنجا، تُون اَسانجو شاھُ، ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَہ تَختُ تابِيني تُنھِنجي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ، چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- اَسِين ذاتِ پَرٽَ، پورھِيَتَ پُنهونءَ ڄامَ جا، ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ، آتَڻَ ۾ اُکَٽَ، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪامَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ ٻَرَنِ، رَڙِيون راءَ ڏِياچَ کي، ڪوڙيِين ڪُرنِشُون ڪَنِ، تُون سَردارُ سَڀَنِ، اَسِين تابِيني تُنھِنجي.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، رُپي جِي رَئِي، اَسِين جاڳِياسُون جَنِ لَئِي، سُتا سي پَئِي، اَکِيُنِ آبُ وَھِي، پَٿَرُ سَڀَ پُسايو.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾، رُسِي رَنڊِ مَ راتِ، اَسِين تائِبَ تُنھِنجا، تُون زوراوَرِ ذاتِ، سَڄَڻَ گَهڙِي ساعَتَ، اورِ تَہ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪاھِ مَيا ڪَرَھَلَ، ريلِ تَہ پَسُون راڻِيُون، تاڻي وَڃِجِ تِتَھِينِ، جِتِ طَرَحَ موچارا تَرھَلَ، اَسِين ماڻِيُون مُومَلَ، تُون نايو ناگِيلا…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- پِرِيَنِ پاتا پيرَ، آئُون ڪيرَ ڪَمِيڻِي آھِيان، مُون گهَرِ آيا مُون پِرِين، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ، پِرِين آيائِي ھيرَ، اَسِين جِياسُون…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- نَفِيءَ جي نانھِن سين، پَھِي پِڃِئائُون، ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون، ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون، ”اَسِين“…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- قَضا جِي ڪامَ ڪَرِ، وَقتَ وِڃائي ڇَڏِ، ”آئُون“ ”اَسِين“ ڪَنِ جي، پاسي تَنِ مَ اَڏِ.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- روزا ۽ نَمازُون، ڪي ڪُذاتِي ڪَنِ، پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، ڪافِرَ ٿِي پَڙَهنِ، اَسِين مَنجهان تَنِ، جَنِ بيٺِ نَہ ڏِني…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- اَسِين سِڪُون جَنِ کي، اَسِين تان سيئِي، لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، وانءُ اوڏاھِين پيھِي. تِھان مَنجهيئِي، پارَکَ پَرِکِجِ حَقَ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- ”آئُون“، ”اَسِين“ جَنِ، ھَميشه ھُوندو، تَنِي کي ڀُونڊو، لَڳو آھِ لَطِيفُ چئَي.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- ”مُون“ ”تُون“ ”آئُون“ ”اَسِين“، چارَئِي چِتان لاھِ، تَہ تو اوڏِيائي نَہ وَڃي، سَندِي دوزَخَ باھِ.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- نَنگا آھِيُون نِکَتا، اَسِين مارُو لوڪَ، ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪَ، جَا ڍَڪَ ڍاٽِيَڙَنِ جِي.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، عُمَرَ ٿِيَسِ اَسِيرَ، مارُو مَنجِهہ مَلِيرَ، مُون سين ھِتِ ھِيئَن ٿِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- بَندِي ٻِئا قَراَرِ، اَسِين لوچُون لوھَ ۾، مَٿي تَنَ تَرارِ، سَدا سانبِيَڙَنِ جِي.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- پِھرِينءَ راتِ پَسِي، مُنھِنجو ماڙِيءَ مَنُ ڦِڪو ڪِئو، مُوهَڙِ مارُوئَڙَنِ کي، واحِدَ ڏيجِ وَسِي، اَهَرَ جَنھِن اَسِين، سو مِلَندو شالَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- ويٺو جِيئَن وِماسيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھَڌِ، لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇَپائي ڇَڏِ. آئُون اَسِين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]