آگَمَ بابت
معنيٰ
ڪڪرن جي مڙي اچڻ جي حالت، جهُڙ، ملار. مينھوڳي، مينھن جي موسم. بارش، برسات. مينھن پوڻ کان اڳ ۾ ٿيل گهُٽَ، اُڪرس.
Cloudy, before rain
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ ڪِئا اللهَ، وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو، سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ، سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ، جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ، مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اَڄُ پُڻ اُمِيدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾، سانوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون، سَڄَڻُ سارِيو مُون، آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون، گهَرِ…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئِي اَکَرِ ھيڪَڙي، جي تُون وَسَڻَ جا ويسَ ڪَرِين، تَہ ڪَڪَرَ ڪَنَ ڪِيھان، بادَلُ ٿِي بِيھان، جي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وُٺو جيسَلمِيرَ، آگَمَ ڪَري آيو، پائُران ڀَري پيرَ، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان وانڊِنِ ويرَ، سُرَھا ڪِيائين…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ پاسي جهوڪَ، ڏِيندا پاھُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَنِ موڪَ، لَسَ پِياري لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيُنِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، پاسي تَنِ وَسَنِ، جٖي سَڀَ ڄَماندَرِ سِڪِيُون.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- اَکِيُنِ جا آگَمَ، مُون تان لاھِ مَ سُپِرِين، ڪَري مَلارَ مِينھَن جِيئَن، وَسي لاھِ وَھَمَ، تو ڏِٺي مُون غَمَ، ڏِينھَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- وَسائِيندَڙِي مِينھَن، مانَ مِلان کي سَڄَڻين، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ کي، راتِيُون ڏوري ڏِينھَن، اَکِيُنِ آگَمَ لائِيا، ڪَرَ مُدائِتا مِينھَن، مُون…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- دِلِ لائي دُورِ نَہ جا، آئُون تُنھِنجي دَرسَ ديوانِي موٽُ مِيان، قاضِي پَڙِهئا پُڇِ رَھِيان، ھِتِ ناھِ طَبِيبان دِي جاءِ،…[ سُر پورب - وايون ]