گهارِيان بابت
معنيٰ
گذاريان، رھان، گذارو ڪيان، نڀايان
Dwell, live
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڻي جَي حَبِيبُ، مُحبَتِي مَيا ڪَري، پُڇان ڪِينَ طَبِيبُ، ھُوندَ گهاوَنِ سين ئِي گهارِيان.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- چَونِمِ جَي ھيڪارَ، مَ وانءُ موٽِي سُهڻِي، دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، گهارِيان سَڀَ ڄَمارَ، ٻانڌِيَڙا ٻِيھارَ، ھُوندَ نَہ لِڱِين لائِيان.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- آلوڙو اَکِيُنِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳُ کي، ھاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ، اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيَين سين ھاڃو ڪِئو.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان، سَڄَڻَ جي سانگِ وِئا، سيئِي ٿِي سارِيان، سي ڪِيئَن وِسارِئان، جي وَٽان مُون…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- اَلا جُنگَ جِيَنِ، اَجهي جَنِي گهارِيان، شالَ مَ سُڪي وِيَرِي، جِئائِين پِيَ پِيَنِ، مَرَڪَڻُ اَکَڙِيُنِ، جَنِ ڏِٺِي مُون ٿِئي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جي وارو نَہ ڏي، توءِ مُنھِنجو وَلَهو، آئُون تَنھِن آساري، ويٺِي وِلِهُون گهارِيان.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ مُون کي ڪوٺِيين، تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ، گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڪُونجَڙِيءَ ڪالَهہ لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌا چِتِ، آئُون ھيڪَلِي ھِتِ، گَهنگهَرِ گهارِيان ڏِينھَڙا.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- جِيَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان، مانَ لَھَنِئُون سارَ، وِچِ وِلِهي ڏِينھَڙين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جِيَنِ سين سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان، جَنِي سَندا ٻارَ، اَٺَئِي پَھَرَ اَگُوندِرا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- قَيدُ الماءِ ٿِئومِ، ھِتِ اَڙانگهي گهارِيان، ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ، قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- جِيئَن ڳَنڊِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوءَ سين، سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ، تَنِي ري حَمِيرَ،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئِجِ جورِ هَڻِي جانا، پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪَرايُنِ ڪانا، آن ريءَ اَمانا گَهنگهَرُ گهارِيان ڏِينھَڙا.[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]