ڪَچو بابت
معنيٰ
بي بَقا، ناپائدار رنگ. تازو، سائو، اڻ رسيل ميوو. اڻ پڪو اڻ پڪل، بنا رَڌَلُ، اڌ رَڌَلُ کاڌو. ڦيٽڙ، ڦيٽهڙ، ڦٽندڙ. اڻ ڪمايل، خام، آلو، ناپائدار، نازڪ، ڪمزور. نرم، مُلائم. بي جٽاءُ، طاقت ۾ گهٽ چمڙو. ڀُرندڙ، ٽڪاُنئُون.
Raw, unripe, crude, unskilled. (s. m) Low alluvial lands lying below a bank or ill or lately thrown up by the river. Dishonor, disgrace.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ، ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ھيبَتَ ھُلاچو، وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو، ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نَہ ھوءِ، اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ، جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي، چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي، ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي، اِيءُ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي کَڻِيئو اُٿِيين، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ، لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- اَڱُ پَسِي رَڱُ ٿِئو، ڪو جَو دَورُ دِلي، ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجِهہ ڪِلي، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪَچو تَہ ڪوھُ، پَڪو نَظَرُ پِرِينءَ جو، ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ، جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- جَي آکو تَہ ڪوھُ، ڪَچو آيُمِ ڪَمِ، جِيءَ جَنِي جا جَمِ، پَڪا سي پُڇَندِيُون.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي، ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي، سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪانڌَ ڪَلاڙين ڪَپَڙين، وَرَ وَناھِيو آءُ، جِتِ سانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ، جانۡ جانۡ نُوڌين نَہ چَڙِهين، تانۡ…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- مَرُ مَرين آئُون رُئين، موٽِي ڪانڌَ مَ آءُ، مَڇُڻ تو پُئان، ڪَچو چَونِمِ جيڏِيُون.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ، نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ، مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- سُتِيئَن سَنجهيئِي، مُنھُن ويڙِھي مُينُ جِيئَن، اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتُئِي نَہ ڏيئِي، ھَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَرِيين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- مُنھِنجو پاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ ڍَڪِئو، پاسي چَڙِھِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلَتِي جَنِ، تيلاھَ ٻاروچَنِ، نِڌَرَ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ھوتَ ھاڙِھي جا بَلوچَ، ڙي بَلوچَ، موٽِي آءُ ڀَنڀورَ ۾، سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو، لِڪِي وِچان لوڪَ، ماڻُهو ڏيِنِمِ ميھَڻا،…[ سُر حسيني - وايون ]